Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

مسلمان جي دل پريشان ڪئي وڃي، وڃو! مون اوهان کي 10 هزار معاف ڪيا.[1]

ہے دھوم چاروں طرف سخا کی بھری ہے جھولی ہر اِک گدا کی

عطا ہو مجھ کو بھی طیبہ کا غم،اِمامِ اعظم ابو حنیفہ![2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تنگ دست(غريب) کي مهلت ڏيڻ جا فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! توهان امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سخاوت ۽ حسنِ سُلوڪ مُلاحظه ڪيو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ته اهو حسنِ سُلوڪ ڪيو جو ان کي قرض ڏنو ۽ جڏهن اهو مقروض قرض جي ادائيگي نه ڪري سگهيو، پاڻ
 رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سامهون اچڻ کان به گهٻرائڻ لڳو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجو تمام مال جيڪو قرض جي طور ڏنو هو، معاف فرمائي ڇڏيو يقيناً هي تمام وڏي قرباني آهي، ان جو اجر ۽ ثواب به تمام گهڻو آهي حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن تنگدست کي مهلت ڏني يا ان جي قرض ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي الله پاڪ ان کي جهنّم جي تپش کان بچائيندو.[3]

   هڪ ٻي روايت ۾ هن طرح آهي ته حضور سيد عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي ارشاد فرمائيندي مسجد ۾ داخل ٿيا: توهان مان ڪنهن کي هي ڳالھ پسند آهي ته الله پاڪ ان کي جهنّم جي گرمي کان بچائي؟ اسان عرض ڪيو: يا رسولَ الله
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان مان هر هڪ هي پسند ڪري ٿو ته الله پاڪ ان کي جهنّم جي گرمي کان بچائي. ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو تنگدست کي مهلت ڏي يا ان جو قرض معاف ڪري ڇڏي الله پاڪ ان کي جهنّم جي گرمي کان محفوظ فرمائيندو.[4] هڪ ٻي روايت ۾ فرمايائون: جيڪو پنهنجي


 

 



[1] ... الخیرات الحسان،الفصل السابع عشر،صفحہ:57 ماخوذًا۔

[2] ... وسائلِ بخشش،صفحہ:573۔

[3] مسندِ امام احمد،جلد:2،صفحہ:332،حدیث:3071ملتقطًا۔

[4] موسوعہ ابن ابی الدنیا،اصطناع المعروف،الباب الثامن الرافۃ فی المعسر،جلد:8،صفحہ:542،حدیث:10۔