Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

امام  اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  تابعي آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا امام، امام اعظم تابعي آهن يعني سندن
* حضرت انس بن مالڪ * حضرت عبدالله زُبيدي * حضرت جابر بن عبدالله * حضرت مَعقل بن يسار رَضِىَ اللهُ عَنْهُم وغيره صحابه جي زيارت به ڪئي آهي ۽ انهن مان ڪجهه کان حديثون به ٻڌيون آهن.[1] تابعي جي ڇا شان آهي؟ قرآني آيت ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ الَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُمۡ بِاِحۡسَانٍ ۙ رَّضِیَ اللّٰہُ عَنۡہُمۡ وَ رَضُوۡا عَنۡہُ وَ اَعَدَّ لَہُمۡ جَنّٰتٍ تَجۡرِیۡ تَحۡتَہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَاۤ  اَبَدًا ؕ ذٰلِکَ الۡفَوۡزُ الۡعَظِیۡمُ (۱۰۰)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ٻيا اهي جيڪي ڀلائي سان ان جي پيروي ڪرڻ وارا آهن انهن سڀني کان الله راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي آهن ۽ ان انهن جي لاءِ باغ تيار ڪري رکيا آهن، جن جي هيٺان نهرون وهنديون آهن، هميشه هميشه ان ۾ رهندا، اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (پارہ:11،اَلْتَّوْبَہ:100)

مشهور مفسر قرآن، مفتي احمد يارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيتِ ڪريمه جو خلاصو بيان ڪندي لکن ٿا: يعني اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم ۾ اڳيان مهاجرين ۽ انصار ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڀلائي سان انهن جي پيروي ڪن (مثلاً تابعين ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم) انهن جي شان اها آهي ته الله پاڪ انهن کان راضي ٿي چڪو ۽ اهي ماڻهو الله پاڪ کان راضي ٿي چڪا (جو الله پاڪ انهن کي غريبي، اميري، صحت، بيماري وغيره جنهن حال ۾ رکي، هُو ان کان راضي آهن، ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي شڪايت ناهن ڪندا) الله پاڪ انهن جي لاءِ اهڙيون جنتون تيار ڪري رکيون آهن، جن جي هيٺان


 

 



[1] تبیض الصحیفہ بمناقب ابی حنیفہ،ذکر من ادرکہ من الصحابہ،صفحہ:33ملتقطًا۔