Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

ايندي ئي روئڻ وڌي ويو ۽ روئيندي روئيندي بيهوش ٿي ڪري زمين تي تشريف وٺي آيا. جڏهن هوش آيو ته دعا گُهري: اي الله پاڪ! جنهن منهنجي بُرائي بيان ڪئي ان کي معاف فرمائي ڇڏ.[1]

نہ جیتے جی مجھ پہ آئے آ فت، میں قبر میں بھی رہوں سلامت

بروزِ محشر بھی رکھنا بے غم، اِمامِ اعظم ابو حنیفہ![2]

  پيارا اسلامي ڀائرو!  ڏٺو اوهان امامِ اعظم جو حسنِ سلوڪ جو بُرو ڀلو چوڻ ۽ بيهودا گاريون ڏيڻ واري سان به حسنِ سلوڪ جو مظاهرو ڪيو. اي ڪاش! اسان به پنهنجي امام جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪيون ۽ جيڪو اسان کي بُرو ڀلو چئي ان کي معاف ڪري ڇڏيندا ڪريون.

حسنِ سلوڪ جا فضائل

   (1): حديثِ پاڪ ۾ آهي: ويجهن رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ مال کي وڌائيندو آهي، هڪٻئي جي محبت ۾ اصافو ڪندو ۽ عُمر وڏي ٿيڻ جو ذريعو آهي.[3] (2): هڪ روايت ۾ آهي: ماڻهن سان نيڪي ڪرڻ بُري موت ۽ آفتن کان بچائيندو آهي. بيشڪ دنيا ۾ نيڪ سلوڪ ڪرڻ وارن سان ئي آخرت ۾ نيڪ سلوڪ ڪيو ويندو.[4]

یاالٰہی! رشتے داروں سے کروں حُسنِ سُلُوک

قَطْعِ رِحْمی سے بچوں اِس میں کروں نہ بھول چُوک

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] ... الخیرات الحسان،الفصل السادس عشر،صفحہ:55۔

[2] ... وسائلِ بخشش،صفحہ:574۔

[3] معجمِ اوسط،جلد:6،صفحہ:11،صفحہ:7810۔

[4]...مستدرک،کتاب العلم،المعروف الی الناس...الخ،جلد:1،صفحہ:330،حدیث:437۔