Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

مقروض جي پريشاني دور ڪري يا ان جو قرض معاف ڪري ڇڏي اهو قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ ۾ هوندو.[1]

   فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي عرش جي سايي ۾ جڳھ ماڻڻ وارو سڀ کان پهريون شخص اهو هوندو جيڪو تنگدست کي ايتري مهلت ڏي جو اهو قرض لاهڻ جي قابل ٿي وڃي يا پنهنجو گهربل قرض ان تي صدقو ڪري چئي ڇڏي: منهنجو توتي جيترو قرض آهي اهو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ صدقو آهي ۽ قرض جي رسيد ڦاڙي ڇڏي.[2]

   سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي اهڙي توفيق عطا فرمائي! جيڪڏهن اسان دل ۾ خيرخواهي پيدا ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جي ڪيئي ڀلائين جا حقدار ٿي وينداسين.

مِلا ہے زَرْ تو غریبوں کے کام بھی آؤ!                                             نہ جس سے خِدْمتِ مخلوق ہو وہ دولت کیا ہے؟

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دشمن جي لاءِ دعا فرمائي

   هڪ ڀيري ڪنهن حاسِد امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي تمام بُرو ڀلو چيو، ۽ بيهوده گاريون ڏنيون ۽ گمراھ بلڪه معاذَ الله! زنديق تائين چئي ڇڏيو. امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جواب ۾ ارشاد فرمايو: الله پاڪ اوهان کي معاف فرمائي، الله پاڪ ڄاڻي ٿو ته اوهان جيڪو ڪجھ منهنجي باري ۾ چئي رهيا آهيو مان اهڙو ناهيان. ايترو فرمائڻ کان بعد سندن دل ڀرجي آئي ۽ اکين مان ڳوڙها جاري ٿي ويا ۽ فرمائڻ لڳا: مان الله پاڪ کان اميد ڪريان ٿو ته هو مون کي معافي عطا فرمائيندو. هاءِ! مون کي عذاب جو خوف روئاري رهيو آهي. عذاب جو تصور


 

 



[1]... ترمذی،کتاب البیوع،باب ما جاء فی انظارالمعسر و الرفق بہ،صفحہ:338،حدیث:1306بتغیر قلیل۔

[2] ... معجمِ کبیر،جلد:8،صفحہ:185،حدیث:15708۔