Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

سڄي سڄي رات عبادت

   علامه ابنِ حجر هَيتَمي شافِعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو سڄي رات عبادت ڪرڻ ۽ تهجد پڙهڻ تَواتُر کان ثابت آهي ۽ اها ئي وجھ آهي جو ڪثرتِ قيام جي وجھ سان سندن کي اَلۡوَتَد يعني ميخ (ڪِلو) چيو ويندو هو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 30 سال تائين هڪ رڪعت ۾ مڪمل قرآن پڙهندا رهيا ۽ پاڻرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 سال تائين عشا جي وضو سان فجر جي نماز پڙهي[1] * هڪ ڀيري حضرت عبدُ الله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سامهون ڪنهن شخص امامِ اعظم
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي غيبت ڪئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: توتي افسوس آهي جو تون هڪ اهڙي شخص جي غيبت ڪري رهيو آهين جنهن 45 سال تائين هڪ وضو سان پنج وقت نماز پڙهي ۽ هڪ رڪعت ۾ قرآنِ پاڪ ختم فرمائيندا هئا ۽ جيڪو به مون کي فقه جو علم آهي، اهو سڀ مون انهن کان حاصل ڪيو آهي. [2] پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڄي رات هڪ ئي رڪعت ۾ قرآن شريف پڙهندا هئا ۽ خوفِ خُدا کان ايتري قدر روئيندا هئا جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي پاڙيوارن کي پاڻ تي رحم اچڻ لڳندو هو.[3]

شعبانُ المعظم جون ڪجھ عبادتون

    الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان عبادت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. الحمد الله! شعبانُ المعظم تشريف آڻي چڪو آهي ۽ اسان ان جي بابرڪت گهڙين ۾ ساھ کڻڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون. شعبانُ المُعظم نهايت عظمت وارو مهينو آهي، هن ۾ خير ۽ برڪت جي برسات ٿيندي آهي. طيب ۽ طاهر نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: شَعْبَانُ الْمُطَہِّرُ وَرَمَضَانُ الْمُکَفِّرُ شعبان پاڪ


 

 



[1]... الخیرات الحسان،الفصل الرابع عشر،صفحہ:50ملتقطًا۔

[2]...الخیرات الحسان،الفصل الرابع عشر،صفحہ:50۔

[3]...الخیرات الحسان،الفصل الرابع عشر،صفحہ:50۔