Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

خبر پئي، حضرت خضر عَلَيۡهِ السَّلَام جو علم، علمِ لَدُنّي (يعني الله پاڪ جي طرفان عطا ڪيل خاص علم) آهي، ڇوته امام اعظم، امام ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي به انهي علم مان حصو مليو آهي، تنهنڪري سندن علم به علم لدنّي ئي آهي.

سِراج تو ہے بغیر تیرے جو کوئی سمجھے حدیث و قرآں

پھرے بھٹکتا نہ پائے رستہ اِمامِ اعظم ابو حنیفہ([1])

وضاحت: الله پاڪ جي بارگاھ مان کين اهڙو علم مليو آهي جنهن جي بدولت پاڻ آسمانِ علم جا چمڪندڙ سج آهن،  سندن روشني جي بغير جيڪو به قرآن و حديث سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو اهو ڀٽڪي ويندو ۽ اهڙو ڀٽڪندو جو ان کي رستو به نه ملندو.

ابو حنيفه ڪيترو چڱو  انسان آهي...!!

حضرت مُسَدَّد بن عبدالرحمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان ماڻهن ۾ سڀني کان وڌيڪ امام ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي برو سمجهندو هيس، هڪ ڀيرو مون تي ڪرم ٿيو، منهنجي خواب ۾ محبوبِ رحمٰن، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف وٺي آيا، مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪوفه جو هڪ شخص جنهن کي نعمان بن ثابت چون ٿا، ان جي متعلق ڇا حڪم آهي؟ مان ان کان علم سکان؟ فرمايائون: ان کان علم به سکو ۽ ان جي اعمال(سيرت و ڪردار) جي پيروي به ڪيو! وڌيڪ فرمايائو: فَنِعْمَ الرَّجُلُ ہُوَ يعني ابوحنيفه ڪيترو چڱو انسان آهي...!! حضرت مُسَدَّد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجي اک کُلي ته مون امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي برو سمجهڻ کان توبه ڪري ورتي.[2]


 

 



[1]...دیوان سالک، صفحہ:96۔

[2] الخیرات الحسان،الفصل السادس و الثلاثون،صفحہ:97 ملتقطًا۔