Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

ڪيڏو هوشيار چالاڪ ۽ مزاج سڃاڻڻ وارو ماڻهو آهي، ماڻهن جي رڳ رڳ کان واقف آهي...!!

   افسوس! ماڻهن جي رڳ رڳ کان واقف آهي يا نه، البت اهڙو شخص شيطاني چالُن کان هرگز واقف ناهي، جيڪڏهن نفس ۽ شيطان جي تباھ ڪارين کي ڄاڻيندو هجي ها ته هيئن غيبتن، چغلين ۽ بهتانن جي بازار هرگز گرم نه ڪري ها. يقيناً اصل ۾ عقلمند، اصل ۾ هوشيار چالاڪ اهو ئي آهي جيڪو نفس ۽ شيطان کي  هارائي ڪري گناھن کان بچي ويندو آهي.

غيبت بابت 2 حديثون

   پيارا اسلامي ڀائرو! يقين ڪيو! غيبت، چغلي، الزام هڻڻ، ڪوڙ وغيره هي نهايت ئي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏڻ وارا گناھ آهن، اسان کي هنن کان هر گهڙي بچندو رهڻ گهرجي (1): اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: 4 طرح جا جهنّمي جيڪي حَمِيۡم ۽ جَحِيۡم(يعني ٽهڪندڙ پاڻي ۽ باھ) جي درميان ڀڄندي ڦرندي وَیل وثُبُور (يعني هلاڪت) گهرندا هوندا. انهن مان هڪ شخص اهو هوندو جيڪو پنهنجو گوشت کائيندو هوندو. جهنّمي چوندا: هن بدبخت کي ڇا ٿيو جو اسان جي تڪليف ۾ اضافو ڪري رهيو آهي؟ چيو ويندو: هي بدبخت ماڻهن جو گوشت کائيندو (يعني غيبت ڪندو) ۽ چغلي هڻندو هو.[1] (2): هڪ حديث شريف ۾ آهي: پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مان معراج واري رات اهڙي قوم وٽان گذريس جيڪي پنهنجي چهرن ۽ سينن کي ٽامي جي ننهن سان رهڙي رهيا هئا. مون پڇيو: اي جبريلَ!هي ماڻهو ڪير آهن؟ چيائين: هي ماڻهن جو گوشت کائيندا (يعني غيبت ڪندا) ۽ انهن جي عزّت خراب ڪندا هئا.[2]

   غيبت جي تفصيلي معلومات جي لاءِ اَمِيرِ اهلسنّت، مولانا الياس عطّار قادِري


 

 



[1] ... موسوعہ امام ابن ابی الدنیا، ذَمُّ الْغِیبَۃ والنمیہ، باب الغیبۃ وذمہا، جلد:4، صفحہ:353، حدیث:49 ملتقطًا۔

[2]...ابوداؤد، کتاب الادب، باب فی الغیبۃ، صفحہ:765، حدیث:4878۔