Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو ڪتاب غيبت جون تباھ ڪاريون جو مطالعو ڪيو، درس ڏيو. هي ڪتاب مڪتبةُ المدينه تان قيمت ڏئي خريد ڪيو يا وري
 Islamic eBooks Library تان فري ۾ ڊائون لوڊ ڪري وٺو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

10 هزار مون معاف ڪيا

  پيارا اسلامي ڀائرو! امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت سخي هئا. سندن عادت مبارڪ هئي ته * جيترو مال پنهنجي ٻارن ٻچن تي خرچ ڪندا هئا، اوترو ئي صدقو ڪندا هئا * جڏهن ڪو نئون ڪپڙو پائيندا هئا ته اوتري قيمت جو ڪپڙو عالمن کي به خريد ڪري ڏيندا هئا * جڏهن سندن سامهون کاڌو رکيو ويندو هو ته جيترو پاڻ کائيندا هئا، اوترو ئي کاڌو غريبن کي به کارائيندا هئا.[1]

    هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ڪنهن 10 هزار (درهم يا دينار يعني سون يا چاندي جا سڪا) قرض ورتا، شايد ويچارو غريب هو، واپس موٽائي نه سگهيو، واعدي جي مُدت گذري وئي. هڪ ڏينهن هيئن ٿيو جو امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيڏانهن تشريف وٺي وڃي رهيا هئا، سامهون اهو ئي شخص ايندي نظر آيو. جيئن ئي ان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ڏٺو ته ڊڄي ڪري رستو مٽائي ويو. هاڻي جنهن گهٽيءَ ۾ اهو داخل ٿيو هو، اها ٻئي پاسي کان بند هئي. امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به پٺيان تشريف وٺي ويا ۽ پڇيائون: مون کي ڏسي ڊڄين ڇو وئين؟ عرض ڪيائين: مون کي اوهان جو قرض ادا ڪرڻو آهي، واعدي جو وقت گذري چڪو آهي، مون کي ڊَپُ هو ته اوهان قرض گهرندا، مان هاڻي قرض ڏئي نٿو سگهان، ان ڪري مان ڊڄي ڪري رستو مٽائي ڇڏيو. هي ٻڌي ڪري سخي امام، امامِ اعظم ابوحنيفه
 رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ڀلا 10 هزار به ڪا اهڙي شيءِ آهي جو ان جي ڪري ڪنهن


 

 



[1] ... تاریخِ بغداد،جلد:13،صفحہ:356 ملتقطًا۔