Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

شفاعت سان امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پٺيان پٺيان جنت ۾ داخل ٿي وينداسين.

مروں شہا! زیرِ سبز گنبد، ہو مدفن آقا بقیعِ غرقد                                                          کرم برائے رسولِ اکرم، اِمامِ اعظم ابوحنیفہ! ([1])

  ولين تي الهام ٿيندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪعبي شريف جي ڪنڊ مان جيڪو آواز ٻڌو، ان کي الهام چئبو آهي. الهام اهو سچو علم هوندو آهي جيڪو الله پاڪ پنهنجي ٻانهن جي دل ۾ غيب ذريعي وجهندو آهي ۽ ڪيئي ڀيرا ايئن ٿيندو آهي ته ملائڪ وليُّ الله سان ڪلام ڪندو آهي.[2]

قرآن ڪريم ۾ آهي:

اِنَّ  الَّذِیْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰہُ  ثُمَّ اسْتَقَامُوْا تَتَنَزَّلُ عَلَیْہِمُ الْمَلٰٓئِکَۃُ  اَلَّا تَخَافُوْا وَ لَا تَحْزَنُوْا وَ اَبْشِرُوْا بِالْجَنَّۃِ  الَّتِیْ  کُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ (۳۰)

 ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ جن چيو: اسان جو ربّ الله آهي پوءِ ان تي ثابت قدم رهيا انهن تي ملائڪ لهن ٿا (۽ اهي چون ٿا) ته توهان نه ڊڄو ۽ نه غم ڪيو ۽ ان جنت تي خوش ٿي وڃو جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو. (پارہ:24، حٰمٓ السَّجْدَۃ:30)

هن آيتِ ڪريمه مان معلوم ٿيو، اهي نيڪ مسلمان جيڪي ايمان آڻين، اُن تي استقامت اختيار ڪن ۽ اُن جي تقاضن کي پورو ڪن، ان تي ملائڪ نازل ٿيندا آهن، انهن کي خوشخبريون ٻڌائيندا آهن. عالم سڳورن هن آيت مان اولياءِ ڪرام جي الهام کي ثابت ڪيو آهي. [3]


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ:574۔

[2] الیواقیت و الجواہر،المبحث السادس و الاربعون فی بیان وحی ...الخ،صفحہ:342خلاصۃً۔

[3] الیواقیت و الجواہر،المبحث السادس و الاربعون فی بیان وحی ...الخ،صفحہ:344خلاصۃً۔