Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

وحي ۽ الهام ۾  فرق

خيال رهي! وحي اها آهي جيڪا نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام تي ايندي آهي ۽ الهام اهو آهي جيڪو ولين سڳورن تي ڪيو ويندو آهي، انهن ٻنهي ۾ ڪيئي طرح فرق آهي (1) وحي ۾ شرعي احڪام به بيان ٿيندا آهن جڏهن ته الهام جيڪو ولين تي ٿيندو آهي، ان ۾ شرعي احڪام ناهن هوندا، صرف خوشخبريون هونديون آهن يا وري انهن کي ڪا غيب جي خبر ٻڌائي ويندي آهي يا بعض اوقات اولياءِ ڪرام کي ڪا قرآني آيت يا حديث شريف وغيره سمجهڻ ۾ مشڪل ٿي رهي هجي ته انهن کي الهام جي ذريعي سمجهائي ويندي آهي.(2) نبي عَلَيۡهِ السَّلَام وحي آڻڻ واري ملائڪ کي ڏسندا آهن جڏهن ته وليُّ الله الهام ڪرڻ واري ملائڪ کي ناهن ڏسندا صرف غيبي آواز ٻڌندا آهن يا علم جي ڳالھ سندن دل ۾ وڌي ويندي آهي. (3) وحي شرعي دليل هوندي آهي جڏهن ته الهام اُن درجي جي دليل ناهي.[1] مثلاً صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کي قرآنِ پاڪ ۾ جنتي فرمايو ويو، لهٰذا صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم يقيني جنتي آهن جڏهن ته اسان هاڻي جيڪا روايت ٻڌي، حضرت امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پيروي ڪرڻ وارن جي لاءِ بذريعه الهام بخشش جي بشارت ڏني وئي، هن مان اهو نٿو چئي سگهجي ته جيڪو به حنفي آهي اهو يقيني جنتي آهي، ها! هن الهام جي بدولت الله پاڪ جي رحمت مان پڪي اُمّيد رکي سگهجي ٿي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيڪو امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دامن ڪرم پڪڙي، ربّ ڪائنات پنهنجي ڪرم سان ان کي بخشي ڇڏيندو.

ياد رکو! اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کان آخري نبي آهن، سندن بعد هاڻي قيامت تائين نه ڪو نئون نبي ايندو، نه ئي


 

 



[1] الیواقیت و الجواہر،المبحث السادس و الاربعون فی بیان وحی ...الخ،صفحہ:342-344خلاصۃً۔