Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي چيو: امام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه غيبت کان ڪيترو بچندا آهن...!! مون ٻڌو آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه دشمن جي به غيبت ناهن ڪندا. حضرت سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه چيو: خُدا جو قسم! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت عقلمند هئا، سو پاڻ ڪيئن گوارا ڪري سگهيا پئي ته پنهنجون قيمتي نيڪيون غيبت جي ذريعي ضايع ڪري ڇڏين.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو پيارو ڪردار آهي...!! ٿورو تصور ڪيو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪڏهن به پنهنجي دشمن جي غيبت نه ڪئي، الله اڪبر! ڪيڏي عظيم تقويٰ آهي. هاڻي غور فرمايو! پاڻ غيبت ڇو نه ڪندا هئا؟ ڇو جو پاڻ عقلمند هئا، پاڻ ڄاڻيندا هئا ته نيڪي ڪرڻ آسان ڪم ناهي، نيڪي ڪرڻ جي لاءِ نفس ۽ شيطان کي دٻائڻو پوندو آهي، خواهشن کي ڇڏڻو پوندو آهي، ننڊ قربان ڪرڻي پوندي آهي، ايڏي مشڪل سان ڪمايل نيڪي ماڻهو غيبت وارن ڪجھ جُملن جي بدلي ضايع ڪري ڇڏي، هي ڪٿان جي عقلمندي آهي، ان ڪري پاڻ غيبت کان بچندا رهندا هئا.

   هاءِ! اڄڪلھ ماحول نهايت خراب آهي، اسان جي معاشري ۾ ته جيڪو گهڻي غيبت ڪرڻ وارو هجي، ان کي گهڻو هوشيار سمجهيو ويندو آهي* جيڪو دڪان تي ويهي ته غيبت * گهر ۾ ويهي ته غيبت * دوستن ۾ ويهي ته غيبت * افسوس! اڄڪلھ ته اهڙو ماحول آهي جو ماڻهو پنهنجي والدين جي غيبت ڪرڻ کان به بلڪل ناهن شرمائيندا، ڳالهائيندا آهن ته بَس ڳالهائيندا ئي رهندا آهن * ڪڏهن ڀينرُن ڀائرن جي غيبت * ڪڏهن دوستن جي غيبت* ڪڏهن پاڙيوارن جي غيبت * ڪڏهن گڏ ڪم ڪار ڪرڻ وارن جي غيبت * اهڙيون چغليون هڻندا آهن * ٻين تي بهتان هڻندا آهن ۽ مزي سان انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ وارا * انهن جي گناھن ۾ برابر جا شريڪ بڻجڻ وارا، انهن جون هي گناھن ڀريون ڳالهيون ٻڌي ڪري سمجهي رهيا هوندا آهن: واھ!


 

 



[1] ... تبیض الصحیفہ بمناقب ابی حنیفہ،ذکر نبذ من اخبارہ و مناقبہ،صفحہ:110۔