Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

ڪري پڙهڻ بنا مسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهي[1] (2) ڏندڻ جو استعمال پنهنجي لاءِ لازم ڪريو ڇو ته هن ۾ وات جي صفائي ۽ ربّ جي رضا جو سبب آهي. [2]

   اي عاشقانِ رسول! حضور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ هر رات جو ڪيئي ڀيرا ڏندڻ ڪندا هئا، هر ڀيري سمهڻ وقت به ۽ جاڳڻ وقت به * بنا سٺي نيّتن جي ڏندڻ جا طبي فائده (Physical Benefits) حاصل ته ٿيندا پر ثواب نه ملندو. مثال طور وُضو جي لاءِ ڏندڻ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيّتون ڪري وٺو: رضاءِ الاهي، سنّت جي ادائگي ۽ ذڪر ۽ درود جي لاءِ پنهنجي وات کي صاف رکڻ جي لاءِ ڏندڻ ڪندس * مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص ڏندڻ جو عادي هجي مرڻ وقت ان کي ڪلمو پڙهڻ نصيب ٿيندو * حضرت عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُما کان روايت آهي ته ڏندڻ ۾ ڏھ (10) خوبيون (Qualities) آهن: وات صاف ڪندو آهي، گُڊن (Gums) کي مضبوط بڻائيندو آهي، نظر وڌائيندو، بلغم (Phlegm) ختم ڪندو آهي، وات جي ڌپ ختم ڪندو آهي، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿيندا آهن، ربّ راضي ٿيندو آهي، نيڪي وڌائيندو ۽ معدو (Stomach) درست ڪندو آهي. * ڏندڻ ساڄي هٿ ۾ هن طرح پڪڙيو جو ننڍي آڱر ان جي هيٺيان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿي ۽ آڱوٺو چوٽيءَ تي هجي. * ڏندڻ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه جو هيءُ سنّت ادا ڪرڻ جو آلو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي ڪري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.[3]

   ياد رهي! روزي جي حالت ۾ به ڏندڻ ڪرڻ سنّت آهي، البت ڏندڻ چٻاڙڻ سان


 

 



[1]... اَلتَّرغِیْب وَالتَّرہیب، كتاب: الطہارۃ، الترغیب فی السواک، صفحہ:86، حدیث:18۔

[2]... مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔

[3]... 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:47-50۔