Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

Book Name:Imam e Azam Ki Mubarak Aadatein

جي جهلڪ به امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ پوري پوري نظر اچي ٿي. * الله پاڪ جي فضل سان حضرت امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي شخصيت آهن جو سندن علم، سندن ديني خدمتن جي پياري پياري مهڪ هاڻي تائين دنيا ۾ پکڙيل آهي. * پاڻ ئي اها باڪمال هستي آهن جن قرآني آيتن ۽ حديثن مان علم جا موتي ڪڍي ڪري اُمّت کي ڏنا. * قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ اهڙا اصول مقرر ڪيا جو اڄ صديون گذري ويون اڄ به اُمّت کي جيڪڏهن ڪو نئون مسئلو درپيش ايندو آهي ته حضرت امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بڻايل اصولن جي مدد سان هن مسئلي جو حل قرآن و سُنت مان ملي ويندو آهي. * ڪروڙين شافعين جا امام، پنهنجي وقت جا تمام وڏا محدث ۽ سڀني کان وڏا عالم امام محمد شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ماڻهو فقه (يعني قرآن و حديث جي درست سمجھ حاصل ڪرڻ) ۾ امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا محتاج آهن.[1] (3) علامه ابن حجر هَيۡتَمِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نعمان جي ٽئين معنيٰ آهي: نعمت. اَلحَمۡدُلله! امام اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مخلوق جي لاءِ الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهن.[2] * پاڻ ڏينهن رات محنت ڪيائون، * عيش و عشرت کان پري رهيا، * دنياوي لذّتن کان منهن موڙي رکيو، *پاڻ ننڊ قربان ڪيائون، * سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن ڪم ۾ مصروف رهندا ها، *پنهنجون سڀئي صلاحيتون. *پنهنجو علم، * پنهنجي عقل، * پنهنجي سمجھ اُمَّت جي راهنمائي ۽ خيرخواهي جي لاءِ لڳائيندا رهيا، * پاڻ پنهنجي زندگي جو هڪ وڏو عرصو اُمَّت جي راهنمائي ۽ خيرخواهي ۾ لڳائي ڪري پنهنجي علم جي روشني اهڙي پکيڙيائون جو اڄ به وڏا وڏا مفتي، وڏا وڏا عالم، وڏا وڏا


 

 



[1] تاریخِ بغداد،جلد:13،صفحہ:645۔

[2] الخیرات الحسان،الفصل الرابع،صفحہ:31۔