Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

رويّن تي بلڪ سڄي معاشري تي پوندو آهي، ان جي لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان نماز ۾ صفون سِڌيون رکندا ڪيون.

  ملائڪن جهڙيون صفون بنايو!

   قرآنِ ڪريم جي هڪ سورة آهي: سورة صافّات، ان مبارڪ سورة جي پهرين آيت ۾ الله پاڪ فرمايو:

وَالصّٰٓفّٰتِ صَفًّا ۙ﴿۱ (سيپارو: 23، سورة صافّات: آيت: 1)   ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جو قَسم جيڪي باقاعده صفون ٻڌل آهن.

   حضرت عبدُ الله بن مسعود  رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: هتي صفون ٻڌڻ وارن مان مراد ملائڪ آهن. )تفسیرِ خازن ،پارہ:23 ،سورۂ صافات،زیرِ آیت:1،جلد:4،صفحہ:15 ( حضرت جابر بن سَمُره  رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: توهان ايئن صف ڇونه ٿا بڻايو، جيئن ملائڪ  بڻائيندا آهن. اسان عرض ڪيو: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! ملائڪ ڪيئن صف بڻائيندا آهن؟ فرمايائون: پهريان اڳين صف مڪمل ڪندا آهن ۽ خوب ملي ڪري بيهندا آهن.

)تفسیر بغوی، پارہ:23 ،سورۂ صافات،زیرِ آیت:1،جلد:3 ،صفحہ:653۔(

الله پاڪ ٻانهي کي ملائڪ صفت ڏسڻ پسند فرمائيندو آهي

 تفسير طبري ۾ آهي: مسلمانن جو ٻيو خليفو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو معمول مبارڪ (Schedule) هو ته جڏهن نماز پڙهائيندا هئا ته نمازين کي فرمائيندا هئا: صفون سڌيون ڪيو! اي فلاڻا تون ٿورو اڳتي ٿي وڃ! اي فلاڻا! تون پوئتي ٿي وڃ! پوءِ فرمائيندا هئا: بيشڪ الله پاڪ توهان کي ملائڪن جيان ڏسڻ پسند فرمائيندو آهي.

)تفسیر طبری،پارہ:23،سورۂ صافات،زیرِ آیت:166،جلد:10،صفحہ:29681  ملتقطًا۔(

سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو، نماز ۾ صفون سڌيون رکڻ ملائڪن جي صفّت آهي، اسان کي به گهرجي ته پنهنجون صفون سڌيون رکڻ جي عادت بڻايون. روايتن ۾ آهي. *  صف سِڌي رکڻ نماز جو حُسن آهي.[1] *   اڳئين صفن کان ملڻ وارن تي الله پاڪ ۽ ملائڪ درود موڪليندا آهن.[2] *  جيڪو صف جي خالي جڳھ ڀري، ان جي مغفرت ٿي ويندي. صف ڀرڻ وسوسن کان بچائيندو آهي.[3] صف سِڌي ڪرڻ دلين کي سڌو ڪندو آهي.[4]

(6) ايثار

پيارا اسلامي ڀائرو! اهي نيڪ ڪم جن کان الله پاڪ راضي ٿيندو آهي، انهن مان هڪ نيڪ ڪم



[1] بخاری، کتاب الاذان، باب اقامۃ الصف من تمام الصلاة،صفحہ:239، حدیث: 722۔

[2] ابو داود، کتاب الصلاة، باب فى الصلاة تقام ولم يأت الامام...الخ، صفحہ:100، حدیث:543۔

[3] لواقح الانوار القدسیۃ،العہد الثامن و الثلاثون فی المحافظۃ على تسویۃ الصف،جلد:1، صفحہ:189۔

[4] معجم اوسط،جلد/4، صفحہ:35، حدیث:5121