Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

منهنجي زيارت ڪندو رُھ، ڇوته مان توکان پري ناهيان.[1]

عبادت میں گزرے مِری زندگانی             کرم ہو کرم یاخدا! یاالٰہی! ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

صفون سڌيون رکڻ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ماڻهو جيڪي نماز ۾ صفون سِڌيون ڪندا آهن، انهن جي باري ۾ به ارشاد ٿيو ته الله پاڪ انهن کي ڏسي ڪري مُسڪرائيندو آهي.

افسوس جي ڳالھ آهي ته اڄڪلھ هن معاملي ۾ به گهڻي سُسُتي ڪئي ويندي آهي، عام طور امام صاحب جماعت بيهڻ کان پهريان اعلان ڪندو آهي ته پنهنجون ڀيڏيون، گردن ۽ ڪلها ڪلهن سان ملائي صف سڌي ڪري ڇڏيندا! ان جي باوجود کوڙ ماڻهو امام صاحب جي اعلان تي توجھ ئي ناهي ڏيندا ۽ صفون سِڌيون ناهن ڪندا.

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! نماز ۾ صفون سڌيون نه ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي، ان جا جيڪي نقصان حديثن ۾ بيان ٿيا آهن، تمام سخت آهن. *   صفون صحيح نه ڪرڻ واجب جو ترڪ، ناجائز ۽ گناھ آهي.[3] *  صف درست نه ڪرڻ سان نماز اڌوري رهجي ويندي آهي.[4] *  صف درست نه ڪرڻ نماز ۾ وسوسا اچڻ جو سبب آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: خالي جاءِ ڀريو! ڇوته شيطان توهان جي وچ ۾ گهيٽي جي ٻچي جيان گهڙي ويندو آهي.[5] * صف سڌي نه ڪرڻ سبب چهرو بگڙجي وڃڻ جو خوف آهي، حضرت ابو امامه  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کان روايت آهي، رسولِ ڪريم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: ضرور توهان صفون سِڌيون ڪندؤ يا توهان جون شڪلون بگاڙيون وينديون يا اکيون ڪڍيون وينديون.[6]

*  صفون صحيح نه ڪرڻ رحمت کان دوري جو سبب آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو صف ٽوڙي، الله پاڪ ان کي ٽوڙي،

هن حديث جي حوالي سان فيض القدير ۾ آهي: يعني الله پاڪ ان کي ثواب ۽ رحمت کان پري ڪري ڇڏيندو آهي يا اُن کي وڌيڪ نيڪي جي توفيق ناهي ملندي.[7]

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو!  غور فرمايو! هي ڪيترو اهم معاملو آهي، ان جو اثر اسان جي



[1] حلیۃ الاولیاء، جلد:7، صفحہ:77 بتغیر۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔

[3] عمدة القاری، کتاب الأذان، باب تسویۃ الصفوف ...الخ،جلد:4، صفحہ:354، تحت الحدیث:718ماخوذًا ۔

[4] مرآۃ المناجیح،جلد:2، صفحہ:183ملخصاً۔

[5] مسند امام احمد، مسند الانصار،جلد:9، صفحہ:198، حدیث:22901۔

[6] مسند امام احمد، مسند الانصار،جلد:9، صفحہ:188، حدیث:22861۔

[7] فیض القدیر،جلد:6، صفحہ:306، حدیث:9076۔