Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

مصروف آهن ـ سيّدي قطبِ مدينه حضرت مولانا ضياءُ الدين  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه    تُرڪن جي  دور خدمت  کان مديني منور            ۾ رهائش پذير ٿي ويا هئا، سندن وصال 3 ذُوالحِجّةِ الحرام 1401 سن هجري ۾ مديني منور        ۾ ٿيو ۽ جنتُ البقيع ۾ دفن ڪيا ويا. پاڻ   رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه                    جي خدمت بابرڪت ۾ ڪنهن عرض ڪيو: حضور! جڏهن پاڻ شروع ۾ مديني منور ۾ آيا هئا ان وقت جا مسلمان ڪئين هئا؟ فرمايائون: هڪ مالدار شخص گھڻي مقـدار ۾ مـديني منـور  جـي غـريبن ۾ ڪـپڙو ورهائڻ چاهيو ٿي، لهٰذا انهيءَ ارادي سان هڪ ڪپڙي جي دڪاندار کي چيائين ته مون کي فلاڻي ڪپڙي جا ايترا ٿان  گھرجن ٿا، دڪاندار چيو: جيڪو ڪپڙو اوهان گھريو آهي اهو مون وٽ موجود آهي، پر مهرباني ڪري اوهان سامهون واري دڪان تان خريد ڪريو ڇوته اَلۡحَمۡدُلله  اَڄ منهنجو وڪرو سٺو ٿيو آهي پر ان ويچاري جو وڪرو گھٽ ٿيو آهي، فرمايائون؛ پهرين جا مسلمان اهڙي اِخلاص ۽ ايثار جا مالڪ هئا ۽ اڄ جي مسلمانن کي ته توهان ڏسي ئي رهيا آهيو جو انهن جي اڪثريت ڪهڙي نموني مال گڏ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جو ڳلو ڪپڻ ۾ مشغول آهي ـ  

پنهنجو کاڌو ڪتي تي ايثار ڪري ڇڏيائون!

حُجَّةُ الاسلام حضرت امام محمد بن محمد غزالي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه    فرمائن ٿا: منقول آهي حضرت عبدالله بن جعفر رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه    پنهنجي ڪنهن زمين کي ڏسڻ لاءِ نڪتا ۽ واٽ تي ڪنهن باغ ۾ ترسيا، اتي هڪ غلام کي ڪم ڪندي ڏٺائون، جڏهن ان وٽ کاڌو آيو ته ڪٿان هڪ ڪتو به اچي پهتو، غلام هڪ هڪ ڪري ٽئي مانيون ان جي سامهون رکيون، اهو کائي ويو، حضرت عبدالله  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه    غلام کان پڇا ڪئي: اوهان کي ڏينهن ۾ ڪيترو کاڌو ملندو آهي؟ عرض ڪيائين: اهو ئي جيڪو اوهان ڏٺوـ  پڇا ڪيائون: اهو سڀ ته اوهان ڪتي تي ايثار ڪري ڇڏيو! عرض ڪيائين: هن علائقي ۾ ڪتا نه هوندا آهن هي پري کان هتي اچي نڪتو آهي، غريب بکايل هو، مون کي پسند  نه آيو ته مان ڍؤ ڪري کاوان، ۽ هي ويچارو بي زبان جانور بکايل رهي، فرمايائون: اوهان اڄ ڇا کائيندؤ؟ عرض ڪيائين: بکايل رهندس: حضرت عبدالله  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه    هن غلام جي ايثار کان تمام گھڻا متاثر ٿيا، ۽ باغ جي مالڪ کان اهو باغ، غلام ۽ باقي سامان وغيره خريد ڪيائون، غلام کي آزاد ڪري اهو باغ وغيره سڀ ڪجھ ان کي بخشي ڇڏيائون.

 (احياءُ العلوم ج 3 ص 318)

بيان جو خلاصو

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هي ڪجھ حديثون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، جن ۾ انهن عملن جو ذڪر آهي، جيڪڏهن ٻانهو هي ڪم ڪري ته الله پاڪ ان ٻانهي کي ڏسي ڪري مسڪرائيندو آهي، يعني تمام گهڻو راضي ٿيندو آهي ۽ جنهن کي ڏسي ڪري ربّ ڪريم مسڪرائي، ان کي بنا حساب جنت ۾ داخلا نصيب ٿيندي، هي ڪجھ اعمال اسان ٻڌا (1) پنهنجي گناهن جي مُعافي يعني اِستغفار ڪرڻ (2) رات جو جڏهن ماڻهو سُتل هجن، ان وقت اٿي ڪري عبادت ڪرڻ (3) رات جو درود پاڪ