Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

والدینِ نبی!            جنّتی جنّتی      ہر زوجۂ نبی!            جنّتی جنّتی

اور ابو سُفیان بھی!      جنّتی جنّتی      ہیں معاویہ بھی!         جنّتی جنّتی([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 گناهن جي مُعافي گهرڻ جي عادت بڻايو!

پيارا اسلامي ڀائرو!  موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي بيان ڪيل حديث پاڪ مان معلوم ٿيو ته جڏهن انسان الله پاڪ کان پنهنجي گناهن جي مُعافي گهرندو آهي ته اهڙي ٻانهي کان الله پاڪ ڏاڍو خوش ٿيندو آهي ۽ پنهنجي شان جي مطابق مسڪرائيندو آهي ته ڏسو! منهنجو ٻانهو ڄاڻي ٿو، هن کان گناھ ٿيو آهي ۽ هي به ڄاڻي ٿو ته منهنجو مالڪ گناھ بخشڻ وارو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ!  اسان کي به گناهن کان مُعافي گهرڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي...!! معنيٰ تي نظر رکي ڪري اَللَّهُمَّ ‌اغْفِرْ ‌لِي ، اَللَّهُمَّ ‌اغْفِرْ ‌لِي  پڙهڻ جو معمول بڻايو! وڌيڪ نه سهي ته روزانو گهٽ مان گهٽ هڪ تسبيح (يعني 100 ڀيرا) پڙهندا ڪيو! استغفار جا ٻيا به الفاظ آهن، اَسْتَغْفِرُ اللہ! اَسْتَغْفِرُ اللہ!  پڙهندا رهو، سَیِّدُ الْاِستِغْفَار (جيڪو شجره عاليه قادريه عطاريه ۾ لکيل آهي، اهو) پڙهو! مطلب ته الله پاڪ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي رضا ماڻڻ ۽ قيامت جي ڏينهن بنا حساب جنت ۾ وڃڻ نصيب ٿيندو.

استغفار جو ن فضيلتون

اَلحَمۡدُلله! الله پاڪ اِستغفار ۾ وڏي طاقت رکي آهي. هڪ ڀيرو حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  وٽ هڪ شخص آيو ۽ ان بارش جي گهٽتائيءَ جي شڪايت ڪئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي استغفار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، ٻيو شخص آيو ۽ ان تنگ دستي جي شڪايت ڪئي ته ان کي به اهو ئي حڪم فرمايو ، پوءِ ٽيون شخص آيو ۽ اُن نسل گهٽ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ته ان کي به اهو ئي فرمايو، پوءِ چوٿون شخص آيو ۽ ان پنهنجي زمين جي پيداوار گهٽ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ته ان کي اهو ئي فرمايو. حضرت ربيع بن صبيح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اُتي حاضر هئا، عرض ڪرڻ لڳا: سائين! اوهان وٽ ڪجھ ماڻهو آيا انهن طرح طرح جون حاجتون پيش ڪيون ، اوهان سڀني کي هڪ ئي وظيفو ڏنو ته اِستِغۡفار ڪريو ان جو ڇا سبب آهي؟ اُن جي جواب ۾ امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سيپاري 29، سُوۡرَة النُّوح، آيت 10 کان 12 تلاوت فرمائي، جيئن ته ارشاد ٿئي ٿو:[2]

m اسْتَغْفِرُوۡا رَبَّکُمْؕ اِنَّہٗ کَانَ غَفَّارًا ﴿ۙ۱۰

یُّرْسِلِ السَّمَآءَ عَلَیۡکُمۡ مِّدْرَارًا ﴿ۙ۱۱

وَّ یُمْدِدْکُمْ بِاَمْوٰلٍ وَّ بَنِیۡنَ وَ یَجْعَلۡ لَّکُمْ جَنّٰتٍ وَّ یَجْعَلۡ لَّکُمْ اَنْہٰرًا ﴿ؕ۱۲    تَرْجمو ڪنزالايمان : پنهنجي رب کان مُعافي گهرو اهو تمام گهڻو معاف فرمائيندڙ آهي توهان تي وڏڦڙي ۽



[1]...وسائلِ فردوس، صفحہ:53۔

[2] صراط الجنان، پارہ:29، سورۂ نوح، تحت الآیۃ:10-12، جلد:10، صفحہ:367۔