Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعر کي  مُسلسل پڙھڻ شروع ڪيو۔ ان جي برڪت سان انهن جو اهو ڪم حَيرت اَنگيز طور تي ڪجھ ڏينهن ۾ ٿي ويو يعني اُنهن کي گھربل تعداد ۾ ويزائون ملي ويون۔[1]

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکل کُشا کے واسِطے           کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[3]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                                               جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

 منڊي جي باري ۾ سنتون ۽ آداب

پيارا اسلامي ڀائرو!مرد کي سوني منڊي (Gold) پائڻ حرام آهي، نبي ڪريم   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سوني منڊي پائڻ کان منع فرمايو، ۞ سون ۽ چانديءَ جا زيور نابالغ (يعني تمام ننڍي) ڇوڪري کي پائڻ حرام آهي ۽ ان کي پارائڻ وارو گنهگار ٿيندو، اهڙيءَ طرح ٻارن (يعني ڇوڪرن) جي هٿن ۽ پيرن تي بغير ضرورت جي مهندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پاڻ پنهنجن هٿن پيرن تي مهندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪري کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي، ۞ لوھ جي منڊي جهنمين جو زيور آهي ۞ مرد جي لاءِ اها ئي منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊيءَ وانگر هجي، يعني فقط هڪ  ٻُڙي جي هجي، جيڪڏهن ان ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻڙا هجن، جيتوڻيڪ اها چانديءَ جي ئي هجي، مرد جي لاءِ ناجائز آهي، ۞ ٻڙي کان سواءِ منڊي پائڻ ناجائز آهي، ڇو ته اها منڊي نه ڇلو آهي، ۞ چانديءَ جي هڪ منڊي هڪ ٻڙي سان پائڻ جائز آهي، جنهن جو وزن ساڍا 4 ماشه (يعني 4 گرام 374 ملي گرام) کان گهٽ هجي، عيدُن ۾ منڊي پائڻ مستحب آهي، پر مردن کي اها ئي جائز منڊي پائڻ گهرجي، ۞ مرد کي منڊيءَ جو ٻڙو هٿ جي تريءَ ڏانهن رکڻ گهرجي ۽ عورت جي منڊيءَ جو ٻڙو هٿ جي پٺيءَ پاسي رکڻ گهرجي، ۞ چانديءَ جو ڇلو خاص عورتن جو لباس آهي مردن لاءِ مڪروھ (تحريمي، ناجائز ۽ گناهه آهي) ۞ عورت سون ۽ چانديءَ جون جيتريون چاهي منڊيون ۽ ڇلا پائي سگهي ٿي، ان ۾ وزن ۽ ٻڙي جي تعداد جي ڪا پابندي نه آهي ۞ لوهه جي منڊي تي چانديءَ جو خول چڙهايو جو لوھ بلڪل نظر نه اچي، اهڙي منڊي پائڻ (مرد ۽ عورت ڪنهن کي) به منع ناهي.

 



[1] شرح شجرہ قادریہ عطاریہ، صفحہ:175۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:148۔

[3] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔