Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

پيارا اسلامي ڀائرو!  رمضان المبارڪ جي مهيني جون اُهي خصوصيتون جيڪي حديثن ۾ بيان ٿيون آهن، انهن مان هڪ اهم ۽ تمام پياري خصوصيت اها به بيان ٿي آهي ته ”رمضان اهو مهينو آهي جيڪو انسان کي نئين  زندگي ڏي ٿو“جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي: ‌وَمَنْ صَامَ رَمَضَانَ ‌إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ   يعني جنهن ايمان سان ثواب ڪمائڻ جي لاءِ رَمَضانُ الۡمُبارڪ جا روزا رکيا، اُهو گناهن کان ايئن نڪري ويندو جيئن اُن ڏينهن هو، جڏهن سندس ماءُ کيس ڄڻيو.[1]  هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ 6 شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ايئن نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي.[2]

ڇھ عيد جي روزن جون فضيلتون

پيارا اسلامي ڀائرو! هنن حديثن مان اَوّل ته شوال جي 6 روزن جي فضيلت معلوم ٿي، انهن کي ڇھ عيد جا روزا به چوندا آهن، روايتن ۾ آهي: جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر يعني سڄي عمر جوروز رکيو.(مسلِم، کتاب الصیام، باب استحباب صوم...الخ، صفحہ:424،  حدیث: 1164) جنهن عيدالفطر کان پوءِ شَوّال ۾ ڇھ روزا رکيا ڄڻ اُن سڄي سال جا روزا رکيا ته جيڪو هڪ نيڪي آڻي ان کي ڏھ ملنديون ته ماھِ رمضان جا روزا 10 مهينن جي برابر آهن ۽ هي ڇھ روزا 2 مهينن جي برابر ايئن سڄي سال جا روزا ٿي ويا.[3]

ڇھ عيد جا روزا ڪڏهن رکيا وڃن؟

سُبْحٰنَ اللہ!  ڇا ڳالھ ڪجي عيد جي روزن جي...”!! اَلحَمۡدُلله! ماھِ رمضان جا روزا رکڻ جي سعادت نصيب ٿي، هاڻي روزو رکڻ جي هڪ عادت بڻيل آهي، اسان کي گهرجي ته ڇھ عيد جا روزا به رکون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سڄي عمر جا روزا رکڻ جو ثواب نصيب ٿي ويندو.  خليلِ ملّت حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادِري برڪاتي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا:  هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو.[4]

 مطلب ته عيد الفطر جو ڏينهن ڇڏي سڄي مهيني ۾ جڏهن چاهيو ڇھ عيد جا روزا رکي سگهو ٿا. الله پاڪ اسان کي نفل روزا رکڻ جي سعادت نصيب  فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 نئين زندگي جي  نئين شروعات

 



[1] مسند ابو داود طیالسی، جلد:4، صفحہ:115، حدیث:2481۔

[2] مجمع الزوائد، کتاب الصیام، باب فیمن صام  ...الخ،جلد:3، صفحہ:322،  حدیث:5102۔

[3] الترغیب و الترہیب، کتاب الصوم، الترغیب فی صوم ست...الخ، صفحہ:346، حدیث:2۔

[4] سنی بہشتی زیور ،صفحہ:347۔