Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

  مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت   دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا

چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

گر مدینے کا غم چاہئے چَشمِ نَم

لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو([1])

   الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

﴿1﴾ جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن.

 (افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا)

﴿2﴾ سمورا گُناھ مُعاف

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ

حضرتِ سَيِّدُنا انس   رَضِى الله عَنْه  کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ   صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: جيڪو شَخص هي دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو تو ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.

(افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ الحادیۃ عشرۃ، ص 65)

﴿3﴾ رَحمت جا ستّر دروازا

صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ

جيڪو هي دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن. (القول البدیع، الباب الثانی، ص277)

﴿4﴾ ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ

حضرت اَحمد صاوِي   رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ڪِن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي.

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:669۔