Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

سمهي رهيا هجن توهان سلامتي سان جنت ۾ هليا ويندؤ.[1]

*  يقيناً جنت ۾ ڪجھ اهڙا به گهر آهن، جن جي اندران ان جو ٻاهر وارو حصو ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان جي ٻاهران اندر وارو حصو ڏسي سگهجي ٿو. هڪ اعرابي (ڳوٺاڻي) بيهي ڪري پڇيو: اي الله پاڪ جا رسول  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  هي گهر ڪنهن جي لاءِ آهن؟ نبي ڪريم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   فرمايو: جنهن چڱو ڪلام ڪيو، کاڌو کارايو، روزن تي هميشگي اختيار ڪئي ۽ رات جو نماز ادا ڪئي، جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن.[2] * فرضن کان پوءِ افضل نماز رات جي نماز آهي.[3]

پيارا اسلامي ڀائرو! ايتري قدر عظيم اجر و ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ رات جي وقت ڪجھ نه ڪجھ نفلي عبادت جي عادت ضرور بڻائڻ گهرجي، هونئن به رات جي نفلي عبادت، ڏينهن جي نفلي عبادت کان افضل و اعليٰ آهي، عالم سڳورا بيان ڪن ٿا ته رات جي (نفلي) نماز ۽ عبادت ڏينهن جي (نفلي) نماز ۽ عبادت کان بهتر آهي ان جا مختلف سبب آهن: (1) رات جي نمازن ۾ مشَّقت ۽ محنت آهي جو ننڊ کان سُڄاڳي آهي. (2) رات جي نماز ۽ عبادت ۾ رياڪاري ۽ ڏيکاءَ جو انديشو ناهي هوندو انهي ڪري جو

جب سارا عالم سوتا ہے                           وہ رات کوجاگا کرتے ہیں

(3) رات جي اڪيلائي واري عبادت ۾ عاجزي ۽ انڪساري، دلجمعي ۽ قلبي سڪون جي لذّت وڌيڪ هوندي آهي انهي ڪري ان جو ثواب به وڌيڪ آهي.[4] (4) رات جي وقت ڪجھ دير سمهڻ کان پوءِ اُٿي ڪري عبادت ڪرڻ ڏينهن جي نماز جي مقابلي ۾ زبان ۽ دل جي درميان وڌيڪ موافقت جو سبب آهي (5) اُن وقت قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ سمجهڻ ۾ وڌيڪ دلجمعي حاصل ٿيندي آهي ڇوته اُن وقت شور شرابو ناهي هوندو بلڪ سُڪون ۽ اطمينان هوندو آهي جيڪو دلجمعي حاصل ٿيڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي.[5]

رات جي عبادت بخشرائي ڇڏيو!

 حضرت قَبِيۡصَه بن عُقبه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا ته مان حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي سندن وصال کان پوءِ خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: مَافَعلَ اللہُ  بِک؟  يعني الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملي فرمايو؟ اُنهن جواب ڏنو ته مون پنهنجي ربّ ڪريم جو ديدار ڪيو ته الله پاڪ مون کي فرمايو: اي ابن سعيد! توکي مبارڪ هجي، مان توکان راضي آهيان، ڇوته جڏهن رات ٿي ويندي هئي ته تون ڳوڙها ڳاڙي ۽ رقتّ قلبي سان عبادت ڪندو هئين، جنت تنهنجي سامهون آهي جيڪو محل چاهيو کڻو ۽ تون



[1] ابن ماجہ ،کتاب اقامۃ الصلاۃ و السنۃ فیہا، باب ماجاء فی قیام اللیل،صفحہ:215، حدیث : 1334۔

[2] ترمذی ،کتاب البر و الصلۃ،باب ماجاء فی قول المعروف، صفحہ:483، حدیث : 1984

[3] مسلم ،کتاب الصیام، باب فضل  صوم المحرم، صفحہ:424، حدیث : 1163۔

[4] تفسیر نعیمی،پارہ:19، سورۂ فرقان، زیرِ آیت: 64،جلد:19،صفحہ:158

[5] صراط الجنان ، پارہ:19، سورۂ فرقان، زیرِ آیت: 64،جلد:7، صفحہ:52۔