Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

نبی کا صدقہ سَدا کے لئے تُو راضی ہو                کبھی بھی ہونا نہ ناراض یاخُدا! یَارَبّ!([1])

رات جي عبادت

صحابي رسول حضرت اَبو ذَرغِفاري  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: 3 انسان آهن، الله پاڪ انهن کي ڏسي ڪري مُرڪندو ۽ تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي: (1) اهو انسان جيڪو رات جو اٿي، بستر ڇڏي، چڱي طرح وُضُو ڪري، پوءِ نماز پڙهڻ جي لاءِ بيهي، ان کي ڏسي ڪري الله پاڪ ملائڪن کي فرمائيندو آهي: اي ملائڪو! ٻڌايو! منهنجي ٻانهي هن نيڪي تي ڪنهن شوق ڏياريو؟ ملائڪ عرض ڪندا: موليٰ تون ئي بهتر ڄاڻين  ٿو. الله پاڪ فرمائيندو آهي: ها! مان ڄاڻان ٿو پر توهان مون کي ٻڌايو! ملائڪ عرض ڪندا: اي مالڪ ڪريم! تو اُن کي هڪ شيءِ (يعني جهنم) جو خوف ڏنو آهي، هي ان کان ڊڄي ٿو، تو اُن کي هڪ شيءِ ڏني(يعني جنت) جي اُميّد ڏياري آهي، هي اُن جي اُميّد رکي ٿو، هي ئي خوف ۽ اُمِّيد آهي، جنهن اُن کي رات جي ننڊ قربان ڪري تنهنجي بارگاھ ۾ بيهارڻ تي اڀاريو آهي. هاڻي الله پاڪ فرمائيندو آهي: اي ملائڪو گواھ بڻجي وڃو! هي جنهن شيءِ کان ڊڄي ٿو، مان پنهنجي ٻانهي کي اُن کان اَمن بخشيو ۽ جنهن جي اُميّد رکي ٿو، اها (يعني جنّت) ان جي لاءِ واجب ڪري ڇڏي. (2) ٻيو اهو شخص آهي جيڪو حق ۽ باطل جي لڙائي ۾ شريڪ ٿيو، ثابت قدم رهيو، ايستائين جو شهيد ٿي ويو يا الله پاڪ ان کي فتح عطا فرمائي(ان ٻانهي کي ڏسي ڪري به الله پاڪ مُرڪندو آهي)(3) ۽ ٽيون اهو شخص آهي جيڪو رات جو سفر ڪندو آهي، ايستائين رات جي آخري حصي ۾ جڏهن ڪٿي رڪندو آهي ته سندس ساٿي سمهي رهندا آهن پر هُو بيهي نماز پڙهڻ لڳندو آهي(اُن ٻانهي کي ڏسي ڪري به الله پاڪ مُرڪندو آهي).[2]

(3_4) رات جو درود شريف پڙهڻ ۽ تلاوت ڪرڻ

عظيم صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: هڪ ٻانهو رات جو اٿندو آهي، چڱي طرح وضو ڪندو آهي، پوءِ الله پاڪ جي حمد ڪندو آهي، اُن جي بُزرگي بيان ڪندو آهي، پنهنجي نبي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  تي درود پڙهندو آهي ۽ قرآن کولي ڪري پڙهڻ شروع ڪندو آهي، هي اهو ٻانهو آهي جنهن کي ڏسي ڪري الله پاڪ مسڪرائيندو آهي ۽ فرمائيندو آهي: ڏسو! منهنجو ٻانهو عبادت ڪري رهيو آهي جڏهن ته اُن کي مون کانسواءِ ڪوبه ناهي ڏسي رهيو.[3]

(5) صفون سڌيون رکڻ

حضرت ابو سعيد خُدري  رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   فرمايو: 3 ٻانهن کي ڏسي ڪري الله پاڪ مُسڪرائيندو آهي (1) اها قوم جيڪا نماز ۾ صفون سِڌيون ڪندي آهي (2) اهو ٻانهو جيڪو الله پاڪ جي راھ ۾ جهاد ڪندو آهي. (3) ٽيون اهو ٻانهو جيڪو



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:82۔

[2] زہد لابن مبارک، باب فضل ذکر اللہ، جز:9، صفحہ:345، حدیث:1212

[3] عجالۃ الراغب، باب مایقول اذا تعار من اللیل، صفحہ:878، حدیث:765 ۔