Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

پيارا اسلامي ڀائرو! احاديث مبارڪه مان ٻي ڳالھ اسان کي هي معلوم ٿي ته ماھِ رمضان نئين زندگي ڏيڻ وارو مهينو آهي، يعني جنهن ماھِ رمضان جا روزا رکي ڇڏيا اهو گناهن کان پاڪ ٿي ويو، هاڻي اهو ايئن آهي جيئن اڄ ئي پيدا ٿيو آهي. جيڪي ڪبيره گناھ آهن *  نماز نه پڙهڻ*  روزو نه رکڻ* مسلمانن کي ناحق تڪليف پڄائڻ وغيره، انهن گناهن جي مُعافي ته توبه کان ئي ٿي سگهي،  البته پوءِ به ماھِ رمضان بخششن وارو مهينو آهي، هن  مقدس مهيني ۾ هزارين انهن ماڻهن کي مُعاف ڪيو ويندو آهي، جن تي جهنم واجب ٿي چڪي هوندي آهي ته اسان الله پاڪ جي رحمت تي اُمِّيد رکي سگهون ٿا ته ممڪن آهي ته اسان کي به بخشيو ويو هجي. بهرحال! رمضان جي مهيني کان پوءِ هاڻي هڪ نئين زندگي جي شروعات آهي. هاڻي اسان کي واقعي  ان کي هڪ نئين زندگي بڻائڻو آهي، يعني هڪ رمضان المبارڪ کان پهريان واري زندگي آهي، هڪ اها زندگي آهي جيڪا رمضان المبارڪ کان پوءِ هاڻي شروع ٿي آهي، اسان جي انهن ٻنهي زندگين ۾ فرق هجڻ گهرجي، مثلاً*  پهريان نماز نه پڙهندا هئاسين ته هاڻي پنج ئي نمازون باجماعت پڙهڻ جي عادت بڻائڻي آهي*  پهريان سُنتن تي عمل ۾ سُستي هئي، ته هاڻي سُنتن تي پابندي سان عمل ڪرڻو آهي*  پهريان جيڪڏهن بُريون عادتون هيون ته هاڻي چڱيون عادتون اپنائڻيون آهن *  پهريان عبادت ۾ سُستي هئي، هاڻي عبادتن ۾ چُستي ڏيکارڻي آهي. مطلب ته رَمَضان المبارڪ کان پوءِ جي ۽ پهريان جي زندگي ۾ واضح فرق ڪرڻو آهي ڇوته هاڻي هڪ نئين زندگي شروع ٿي چڪي آهي.

نمازوں میں مجھے ہر گز نہ ہو سستی کبھی آقا           پڑھوں پانچوں نمازیں باجماعت یا رسول اللہ! ([1])

خُدا کي راضي ڪرڻ وارا ڪم

هاڻي ڇوته خوشين جا ڏينهن آهن، عيد جا ڏينهن هلي رهيا آهن ۽ رَمضَانُ المُبارَڪ کان پوءِ هاڻي نئين زندگي شروع ٿي رهي آهي ته اچو! ڪجھ ايمان اَفروز حديثون ٻڌون ٿا ۽ هي پڪي نيت ڪيون ٿا ته انهن حديثن ۾ جن نيڪ عملن جو ذڪر ٿيو آهي، اسان انهن نيڪ عملن کي پنهنجي ايندڙ زندگي ۾ دائمي طور نافذ رکنداسين.  

پيارا اسلامي ڀائرو! هي پيارا پيارا نيڪ اعمال ڪهڙا آهن؟ اچو! ٻڌون ٿا:

(1) گناهن جي بخشش طلب ڪرڻ

 حضرت  علي بن ربيعه  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت علي المرتضيٰ شير خُدا  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سُواري تي سُوار ٿيا، مون کي پنهنجي پويان ويهاريائون ۽ حِرَّه (نالي علائقي) جي طرف وڌڻ لڳا، هلندي هلندي پاڻ آسمان جي طرف مٿو کنيو، پوءِ پڙهيو: اَللَّهُمَّ ‌اغْفِرْ ‌لِي ‌ذُنُوبِي ‌إِنَّهُ ‌لَا ‌يَغْفِرُ ‌الذُّنُوبَ ‌أَحَدٌ ‌غَيْرُكَ

ترجمو: اي الله پاڪ! منهنجا گناھ بخشي ڇڏ، بيشڪ تو کانسواءِ ڪو گناهن کي بخشڻ وارو ناهي.

حضرت  علي بن ربيعه  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: هي پڙهڻ کان پوءِ حضرت موليٰ علي شير خُدا  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:331۔