Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

پڙهڻ (4) تلاوت ڪرڻ (5) نماز ۾ صفون سِڌيون رکڻ (6) ايثار ڪرڻ. الله پاڪ اسان کي هي سڀئي ڪم ڪندي رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو

پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ عشق رسول وڌائڻ سُنّتن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا  جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان  هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ به آهي. قرآنِ مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: احاديث ۾ هن طرح مضمون آهي: صبح هن حال ۾ ڪيو جو يا ته توهان عالم هجو يا علم دين جا طالب.[1]  ۞ هڪ روايت جي مطابق صبح جي وقت قرآنِ مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعت نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.[2] ۞ اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر جي نماز کان بعد تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن.۞ هن ۾ 3 قرآني آيتون. ۞ ان جو ترجمو ۽ تفسير ٻُڌي، ٻڌائي ويندي آهي. ۞ فيضانِ سُنّت مان درس ٿيندو آهي.۞ شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي. ۞ دعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اشراق، چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن. ۞ اوهان به تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شريڪ ٿيڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  کوڙ ساريون برڪتون ملنديون. حديث شريف جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ وڃي، ان کي عُمري جو ثواب ملندو آهي.[3] ۞ صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي. ۞ سڄو ڏينهن سٺو گذرندو. ۞ صبح صبح علم دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو۞ شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو. ۞  انهن جي محَبّت دل ۾ ويهندي. ۞ اولياءِ ڪرام  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه م جي روحاني توجھ ملندي ۞ ايمان تازو ٿيندو ۞ ان جي وسيلي سان ڪيل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پوريون ٿينديون ۞ هڪ وڏي برڪت اها آهي ته نماز فجر کان نماز اشراق تائين مسجد ۾ رڪڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي ان تي عمل جي سعادت ملي ويندي. ۞ حديث پاڪ جي مطابق جيڪو فجر جي نماز کان بعد ذڪرُالله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق، چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي.[4]

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزائن جي لاءِ ڪيئي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو۔ خير هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَشوَري  تي



[1] دارمی، المقدمۃ، باب فی ذھاب العلم، صفحہ:96، حدیث:254۔

[2] ابن ماجہ، باب فضل من تعلم القرآن و علمہ، صفحہ:48، حدیث:219 ۔

[3] مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317 ۔

[4] شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957۔