Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                              اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي) 

درودِ پاڪ جي فضيلت

 مسلمانن جي پياري امڙ سانئڻ حضرت عائشه صديقه  رَضِىَ اللهُ عَنْها  کان روايت آهي، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    فرمايو:  جڏهن ٻانهو مون تي درود شريف پڙهندو آهي ته اُن جي برڪت سان هڪ ملائڪ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندو آهي، اُن ملائڪ جي لاءِ حڪم ٿيندو آهي: اُن کي منهنجي ٻانهي جي قبر وٽ کڻي وڃو! ته جيئن هي منهنجي ٻانهي جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندو رهي ۽ منهنجي ٻانهي جون اکيون ٿڌيون ٿينديون رهن.[1]

ذاتِ والا پہ بار بار دُرود                                    بار بار اور بے شُمار دُرود

قبر میں خوب کام آتی ہے                         بیکسوں کی ہے یارِ غار دُرود([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[3](

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته *  نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، *  علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، *    ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، *   ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، *   بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

 

افسوس.... رمضان موڪلائي ويو...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ئي ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي، عاشقانِ رمضان انتظار ۾ هئا ته رمضان المبارڪ اچڻ وارو آهي * رمضان المبارڪ جي تياري هلي رهي هئي پر.... هي برڪتن وارا ڏينهن



[1] مسندِ فِردَوس، جلد:4، صفحہ:10، حدیث:6026 بتغیر

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:123 تا125 ملتقطاً۔

[3]...بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔