Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

پيئارڻ وڏي ثواب جو ڪم آهي هن باري ۾ ٻه فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ملاحظه فرمايو: }1{ جيڪو مسلمان ڪنهن مسلمان کي بک ۾ کاڌو کارائي ته الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن جنتي ميوا کارائيندو ۽ جيڪو ڪنهن اُڃايل مسلمان کي پاڻي پياريندو ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن مُهر وارو پاڪ ۽ صاف شراب پيئاريندو ۽ جيڪو مسلمان ڪنهن بي لباس مسلمان کي ڪپڙو پارائي ته الله پاڪ ان کي جنت جا سبز ڪپڙا پارائيندوـ (ترمذي ج 4 ص 204 حديث 2457) }2{ جيڪو ڪنهن مسلمان کي بک ۾ کاڌو کارائي ڪري ڍؤ ڪرائي ته الله پاڪ ان کي جنت ۾ ان دروازي مان داخل فرمائيندو جنهن ۾ ان جهڙا ماڻهو ئي داخل ٿيندا. (المعجم الڪبير للطبراني ج 20 ص 85 حديث 162)

کھلانے پلانے کی توفیق دیدے
پئے  شاہِ  کرب  و  بلا
یا  الٰہی

صَــلُّـو ا     عَـلَـي     الـحَـبِـيـب!                   صَـلَّـي اللهُ   عَلـٰي   مُحَـمَّد

 

انوکو دستر خوان

حضرت شيخ ابوالحسن اَنطاڪي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه    وٽ هڪ ڀيري تمام گھڻا مهمان تشريف کڻي آيا. رات جو جڏهن کائڻ جو وقت ٿيو ته مانيون گھٽ هيون، تنهنڪري مانين جا ٽڪرا ڪري دسترخوان تي رکيا ويا ۽ اتان کان ڏيئو کنيو ويو، سڀ جا سڀ مهمان اونداهي ۾ دسترخوان تي ويهي رهيا، جڏهن ڪجھ دير کان پوءِ هي سوچي ڪري ته سڀني کائي ورتو هوندو ڏيئو آندو ويو ته سڀئي ٽڪرا ائين جو ائين موجود هئا، ايثار جي جذبي خاطر هڪ گرهه به ڪنهن نه کاڌو ڇوته هر هڪ جي اهو ئي ذهن هو ته مان نه کانوان ته جيئن پاسي واري اسلامي ڀاءَ جو پيٽ ڀرجي وڃي. (اتحاف السادة للزبيدي ج 9 ص 783)

 

پنهنجي ضرورت جي شيء ڏيڻ جي فضيلت

الله! الله! اسان جي اَسلاف جي ايثار جو جذبو ڪيترو نه حيرت انگيز هو ۽ افسوس! اڄ اسان جي حالت اهڙي آهي جو جڏهن ڪنهن دعوت ۾ هجون ۽ کاڌو شروع ڪيو وڃي ته کاوان کاوان ڪندي کاڌي تي ائين ڪِري پوندا آهيون جو کائڻ ۽ چٻائڻ وساري ڳِرڪائڻ ۽ پيٽ ڀرڻ شروع ڪندا آهيون جو ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جو ڪو ٻيو اسلامي ڀاءَ کائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ اسان رهجي وڃون! اسان جي حِرص جي ڪيفيت ڪجھ ائين هوندي آهي جو جيڪڏهن اسان جو وس هلي ته شايد ٻي جي وات جو گرهه به کسي ڳَهي ڇڏيون! ڪاش! اسان به  ايثار ڪرڻ سکي وڃون.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

ہمیں بھوکا رہنے کا اَوروں کی خاطر
عطا  کر   دے  جذبہ  عطا  یا  الٰہی