Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

جي خواهش ٿي، پاڻ   رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جن جا خادم حضرت نافِع  رَضِىَ اللهُ  عَنْهُ   فرمائن ٿا: گھڻي ڳولها کان پوءِ مون کي ڏيڍ درهم ۾ هڪ مڇي مديني پاڪ جي باراز مان ملي وئي، مون ان کي ڀُڃي ڪري سندن جي خدمت ۾ پيش ڪئي، ايتري ۾ هڪ سائل (يعني فقير) آيو، پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جن فرمايو: نافِع! هي مڇي سائل کي ڏئي ڇڏيو. مون عرض ڪيو: اوهان کي ان جي وڏي خواهش هئي، وڏي ڪوشش ڪري مديني جي مڇي مون خريد ڪئي آهي، اوهان هن کي کائو مان هن مڇي جي قيمت سائل کي ڏئي ڇڏيان ٿوـ فرمايائون: نه توهان هي مڇي ان کي ڏئي ڇڏيو، پوءِ مون اها مڇي سائل کي ڏئي ڇڏي ۽ پويان وڃي ان کان خريدي ورتي ۽ سندن کي پيش ڪئي، ارشاد فرمايائون: هي مڇي ان سائل کي ڏئي ڇڏ ۽ ان جي قيمت به جيڪا ادا ڪئي آهي اها به ان وٽ رهڻ ڏيوـ مون سرڪار مدينه  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کان ٻڌو آهي:                       جيڪو شخص ڪنهن شيء جي خواهش رکندو هجي، پوءِ ان خواهش کي روڪي پاڻ تي (ڪنهن ٻئي کي) تَرجيح ڏئي ته ا الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي.[1]

  بيبي فاطمه جو ايثار

حضرت امام حسن مُجۡتَبيٰ  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن هڪ وقت جي فاقي کان پوءِ اسان وٽ کاڌي جي ترڪيب بڻي، منهنجا بابا جان، مولي علي  رَضِىَ اللهُ  عَنْهُ   ۽ منهنجا ننڍا ڀاءَ حضرت امام حسين  رَضِىَ اللهُ  عَنْهُ   کائڻ کان فارغ ٿي چڪا هئا، پر منهنجي والده فاطِمةُ الزَّهرا  رَضِىَ اللهُ عَنْها  جن اڃا تائين نه کاڌو هو، انهن جيئن ماني ڏانهن هٿ وڌايو ته در تي هڪ سائل (يعني فقير) صدا ڏني: اي بنتِ رسول الله! مان ٻن وقتن جو بکايل آهيان مون کي کاڌو ڏيوـ حضرت بيبي فاطمه  رَضِىَ اللهُ عَنْها  فوراً کاڌي کان هٿ روڪي ورتو ۽ مون کي حڪم ڏنو ته وڃ! هي کاڌو سائل کي پيش ڪر، مون ته هڪ وقت جي ماني ناهي کاڌي ۽ هو ٻن وقت کان بکايل آهي.[2]

بھوکے رہ کے خود اوروں کو کھلا دیتے تھے
کیسے  صابر  تھے محمد  کے  گھرانے  والے

کارائڻ پيئارڻ جو عظيم الشان ثواب

پيارا اسلامي ڀائرو!  ڏٺو توهان! حضرت بيبي فاطمه  رَضِىَ اللهُ عَنْها  فاقي جي باوجود پنهنجو کاڌو ايثار فرمائي ڇڏيو! افسوس! اهل بيتِ جي محبت جي دعوا ڪرڻ جي باوجود اسان پنهنجي ضرورت جو ته پري جي ڳالهه آهي پر بچيل کاڌو به ڪنهن ضرورت مند کي ڏيڻ جي بدران  سڀاڻي جي لاءِ فريج ۾ رکي ڇڏيندا آهيون. اسان انهن مبارڪ هستين کان سبق سکڻ گهرجي، يقين ڪيو! بکايل کي کاڌو کارائڻ ۽ اُڃايل کي پاڻي



[1] احیاء علوم الدین، کتاب کسر الشہوتین، بیان طریق الریاضۃ فی کسر

[2] مدینے کی مچھلی، صفحہ:24۔