Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

ايثار به آهي. نهايت مشهور واقعو آهي، بارگاههِ رسالت  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم     ۾ هڪ ڀيري هڪ بکايل شخص حاضر ٿيو، سرڪار نامدار  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سڀني اُمَّهاتُ المُؤمِنين   رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُنَّ  جي گھرن مان معلوم ڪرايو ته ڪجھ کائڻ جي شيء ملي وڃي پر ڪنهن وٽ به کائڻ جي شيء نه هئيـ رسول الله  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   صحابه ڪرام  عَلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ سان فرمايو: جيڪو شخص ان کي مهمان بڻائي الله پاڪ ان تي رحمت فرمائيندوـ حضرت ابوطلحه انصاري  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  اٿيا ۽ مهمان کي پنهنجي گھر وٺي ويا، گھر وڃي پنهنجي ٻارن جي ماءُ کان پڇا ڪئي: گهر ۾ ڪجھ کاڌو آهي؟ انهن چيو: صرف ٻارن جي لاءِ ڪجھ رکيل آهي، حضرت ابو طلحه  رَضِىَ اللهُ  عَنْهُ   فرمايو: انهن کي وندرائي ڪري سمهاري ڇڏ، ۽ جڏهن مهمان کائڻ لاءِ ويهي ته ڏيئو درست ڪرڻ جي بهاني اُٿي ڪري ڏيئي کي وسائي ڇڏجان ته جيئن مهمان سٺي طرح کائي سگھي . هي ترڪيب ان ڪري ڪئي ته جيئن مهمان هي نه ڄاڻي سگھي ته گھروارا گڏ نه کائي رهيا آهن نه ته اِصرار ڪندو ۽ کاڌو ٿورو آهي، سو مهمان بکايل رهجي ويندو، ائين حضرت ابوطلحه  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  مهمان کي کاڌو کارايو ۽ پاڻ گھر وارا بکايل رهي رات گذاري، جڏهن صبح ٿيو ۽ بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ته الله پاڪ جي محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   حضرت ابوطلحه  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کي ڏسي فرمايو: رات فلاڻي فلاڻي جي گھر ۾ عجيب معاملو پيش آيو. الله پاڪ انهن کي ڏسي ڪري مُسڪرايو (يعني گھڻو راضي ٿيو) انهي واقعي جي باري ۾ سُورةُ الۡحَشۡر جي هي آيت نازل ٿي:

 

وَ یُؤْثِرُوۡنَ عَلٰۤی اَنۡفُسِہِمْ وَلَوْ کَانَ بِہِمْ خَصَاصَۃٌ ؕ۟ وَ مَنۡ یُّوۡقَ شُحَّ نَفْسِہٖ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ ﴿ۚ۹           ترجمو ڪنزالايمان؛  ۽ پنهنجي پاڻ تي  انهن کي ترجيح ڏين ٿا جيتوڻيڪ انهن کي سخت محتاجي هجي جيڪو پنهنجي نفس جي لالچ کان بچايو ويو پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن.

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ايثار ڪرڻ به الله پاڪ کي راضي ڪرڻ وارو ڪم آهي.

ايثار ڇاکي چئبو آهي..؟

اِيثار جي معنيٰ آهي: ”ٻين جي خواهش ۽ حاجت کي پنهنجي خواهش ۽ حاجت تي ترجِيح ڏيڻ ـ[1] حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص ڪنهن شيء جي خواهش رکندو هجي، پوءِ ان خواهش کي روڪي پاڻ تي (ڪنهن ٻئي کي) تَرجيح ڏئي ته الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي .[2]

مديني جي مڇي

حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ  عَنْهُمَا   بيمار هئا، سندن کي تريل مڇي کائڻ



[1] مدینے کی مچھلی، صفحہ:3

[2] احیاء علوم الدین، کتاب کسر الشہوتین، بیان طریق الریاضۃ فی کسر شہوات البطن، جلد:3، صفحہ:115۔