Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

تِکي بارش موڪليندو ۽ مال ۽ پٽن سان توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي واسطي باغ بنائي ڇڏيندو ۽ توهان جي واسطي نهرون بنائيندو.

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: کوڙ تجربن مان ثابت آهي ته اولاد جي حصول، بارش جي طلب، تنگدستي کان نجات ۽ پيداوار جي گهڻائي جي لاءِ اِستغفار ڪرڻ بهترين قرآني عمل آهي.[1]

3 ڀيرا دعاءِ مغفرت جي برڪت

 گذريل قومن ۾ هڪ شخص هو، جنهن کوڙ گناھ ڪيا هئا، هڪ ڀيرو اُن پنهنجي پوئين زندگي جي باري ۾ سوچيو، گُناهن جي باري ۾ غوروفڪر ڪيو ته اُن کي شرمساري ٿي، اُن شرمسار ٿي ڪري ٽي ڀيرو چيو:  اَللّٰہُمَّ غُفْرَانَکَ، اَللّٰہُمَّ غُفْرَانَکَ، اَللّٰہُمَّ غُفْرَانَکَ مولٰي تنهنجي بخشش.... الٰهي تنهنجي بخشش، اي الله پاڪ! تنهنجي بخشش. انهي گهڙي کيس موت اچي ويو ۽ الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏي.[2]

تُو بےحساب بخش کہ ہیں بےشُمار جرم             دیتا ہوں واسطہ تجھے شاہِ حجاز کا([3])

استغفار جو ن برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ استغفار ڪرڻ جون وڏيون برڪتون آهن*   مثلاً ان جي هڪ نهايت عظيم برڪت اها آهي ته ان جي بدولت ٻانهي جي تنگدستي ۽ غم پري ٿيندو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو استغفار ڪندو آهي، الله پاڪ ان جي لاءِ هر تنگي کان نڪرڻ جو رستو بڻائيندو، هر فڪر ۽ غم کان اُن کي آزادي عطا فرمائيندو.[4] *      هن جي هڪ برڪت هي آهي ته اهڙي ٻانهي کي الله پاڪ غيب مان رزق عطا فرمائيندو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: استغفار ڪرڻ واري کي الله پاڪ اهڙي جڳھ کان رزق عطا فرمائيندو جتان کان ان کي گمان به نه هوندو.[5] *   ان جي برڪت سان الله پاڪ دلين جي ڪٽ لاهي ڇڏيندو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: لوھ وانگر دلين کي به ڪٽ لڳي ويندي آهي ۽ ان جي صفائي ڪرڻ اِستغفار آهي.[6] الله پاڪ اسان کي استغفار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

مُعَاف فضل وکرم سے ہو ہر خطا یارب              ہو مغفرت پئے سلطانِ انبیا یارَبّ!

 



[1] صراط الجنان، پارہ:29، سورۂ نوح، تحت الآیۃ:10-12، جلد:10، صفحہ:367۔

[2] تنبیہ الغافلین، باب التوبہ،  صفحہ:53۔

[3]...ذوقِ نعت، صفحہ:18۔

[4] ابو داود، كتاب الصلاة/الوتر، باب فى الاستغفار، صفحہ:247، حدیث:1518

[5] ابن ماجہ،کتاب الادب، باب الاستغفار،صفحہ:612، حدیث: 3819۔

[6] مجمع الزوائد،کتاب التوبہ، باب ماجاء فی الاستغفار، جلد: 10، صفحہ:350، حدیث: 17575۔