Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

تيزي سان گذرندا ويا...!! ۽ هاڻي ڏسو! هي مقدس رمضان جو مهينو اسان کي جدائي جو صدمو ڏئي موڪلي هليو ويو. هاڻي 11 مهينن کان پوءِ هي مُقدّس مهينو ٻيهر ايندو، وري خوشيون هونديون، رحمتون هونديون پر...!! افسوس! نه ڄاڻ اسان هي برڪتون ڏسي سگهنداسون يا ان کان پهريان ئي موت جو ذائقو چکي ڪري قبر ۾ لهي وينداسون..!!

 

جب گزر جائیں گے ماہ گیارہ                      تیری آمد کا پھر شور ہوگا

کیا مِری زندگی کا بھروسا                          اَلوداع  اَلوداع  آہ!  رَمضاں([1])

نيڪ ماڻهن جو  هڪ عمل

 هڪ بُزرگ  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائي ٿو: اڳي زماني جا ماڻهو رَمَضانُ الۡمُبارڪ کان پهريان 6 مهينا رَمَضانُ الۡمُبارڪ کي حاصل ڪرڻ ۽ رَمَضانُ شريف کان پوءِ 6 مهينا رمضان جي عبادت قبول ٿيڻ جي دعا ڪندا هئا.[2]

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڄڻ هاڻي هي دعائون ڪرڻ ۽ حسرت مان هٿ ملڻ جا ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن ته افسوس! اسان رَمَضان جي مهيني جي صحيح معنٰي ۾ قدر نه ڪري سگهياسين، اُن تي حسرت ڪرڻي آهي ۽ جيڪي ٿوريون گهڻيون نيڪيون ڪري سگهيا آهيون، انهن جي قبوليت جي دُعا ڪرڻي آهي.

کچھ نہ حُسنِ عمل کر سکا ہوں                     نَذْر چند اشک میں کر رہا ہوں

بس یِہی ہے مِرا کُل اَثاثہ                         اَلوَداع  اَلوَداع  آہ!  رَمَضاں ([3])

 

۽ امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪن ٿا:

میں ہائے! جی چراتا ہی رہا ربّ کی عبادت سے         گزارا غفلتوں میں سارا رمضاں یارسولَ اللہ!

میں سوتا رہ گیا غفلت کی چادر تان کر افسوس!         خدارا !میری بخشش کا ہو ساماں یارسولَ اللہ! ([4])

 

الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي ڪوتاهين تي شرمنده ٿيڻ ۽ الله پاڪ کان رحمت جون دعائون گهرندو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

رَمضان المبارڪ جي هڪ خُصوصيت

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:653۔

[2] وسائلِ بخشش، صفحہ:653۔

[3]...وسائلِ بخشش، صفحہ:653۔

[4]...وسائلِ بخشش، صفحہ:679۔