Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

 

ايثار جو ثواب مفت حاصل ڪرڻ جا نسخا

 ڪاش! اسان کي به ايثار جو جذبو نصيب ٿئي، جيڪڏهن خرچ ڪرڻ جي دل نه چاهي ته بنا خرچ جي ايثار جا ڪيئي موقعا ملي سگھن ٿا. مثلاً *  ڪٿي دعوت تي پهتاسون، سڀني جي لاءِ کاڌو لڳايو ويو ته اسان سٺيون ٻوٽيون وغيره هن نيت سان نه کڻون ته اسان جو ٻيو ڀاءَ کائي وٺي، *  گرمي آهي ڪمري جي اندر يا سنتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾ مسجد جي اندر وڌيڪ اسلامي ڀائر سمهڻ چاهن ٿا، پاڻ پکي هيٺ قبضو ڪرڻ بدران ڪنهن ٻي اسلامي ڀاءُ کي موقعو ڏئي ثواب ڪمائي سگھو ٿا، *  اهڙي طرح بس يا ريل ۾ رش جي صورت ۾ ٻي اسلامي ڀاءَ کي منٿ ڪري پنهنجي سيٽ تي ويهاري ۽ پاڻ بيهي ڪري، ڪار ۾ سفر جو موقعو ملڻ باوجود ٻي اسلامي ڀاءَ جي لاءِ قرباني ڏئي ان کي ڪار ۾ ويهاري ۽ پاڻ پيدل يا بس وغيره ۾ سفر ڪري، سنتن ڀريي اجتماع ۾ آرام ده جڳهه ملي ته ٻي اسلامي ڀاءَ لاءِ جڳهه ڪشادي ڪري يا ان کي اها جڳهه پيش ڪري، کاڌو گھٽ هجي ۽ کائڻ وارا وڌيڪ هجن ته پاڻ گھٽ کائي يا بلڪل نه کائي ۽ اهڙن بيشمار موقعن تي پنهنجي نفس کي ٿوري تڪيلف ڏئي مفت ۾ ايثار جو ثواب ڪمائي سگھجي ٿو.

 

ايثار جو ثواب بي حساب جنت

حُجَّةُ الاسلام حضرت امام محمد بن محمد غزالي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه    نقل ڪن ٿا: الله پاڪ حضرت موسيٰ ڪليمُ الله  عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ُ   کي فرمايو: اي موسيٰ!  ڪو شخص اهڙو ناهي جو اهو سڄي عمر ۾ چاهي هڪ ڀيري ايثار ڪري ۽ مان قيامت جي ڏينهن ان کان حساب طلب ڪندي حيا نه فرمايان! ان جو مقام جنت آهي، اهو جتي چاهي رهي. (احياءُ العلوم ج 3 ص 318)

ٻڪري جي مُنڍي

    ڪنهن صحابي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  تحفي طور هڪ صحابي  رَضِىَ اللهُ  عَنْهُ   جي گھر ٻڪري جي مُنڍي موڪلي ته انهن هي فرمائي ڪري ته منهنجو فلاڻو اسلامي ڀاءَ هن منڍي جو مون کان وڌيڪ ضرورت مند آهي، اها منڍي ان جي گھر موڪلي ڇڏي ته انهن چيو ته فلاڻو مون کان وڌيڪ حاجت مند آهي ۽ ائين اها منڍي ان صحابي جي گھر موڪلي ڇڏي. ائين هڪ ٻي ڏانهن ۽ ٻي ٽئي جي گھر ان منڍي کي موڪليو، ايستائين جو اها ٻڪري جي منڍي ستن گھرن مان گھمندي وري پهرين صحابي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جي گھر پهچي وئي. (المستدرڪ للحاڪم ج 3 ص 229 حديث 3852)

قطب مدينه ايثار ڪرڻ واري تاجر جي حڪايت بيان فرمائي

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان؟ غُربت ۽ مسڪيني جي باوجود اسان جي صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ  جي اندر ڪيڏو نه ايثار جو جذبو هو جو هر هڪ پنهنجي پاڻ تي ٻين کي ترجيح ڏيندا هئا، ۽ افسوس! اڄ حالتون بلڪل ان جي اُبتڙ آهن گھڻا ماڻهو ته پنهنجي ئي ڀاءَ جو ڳلو ڪپڻ ۾