Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

منهنجي طرف ڏٺو ۽ مرڪڻ لڳا، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، مون پڇيو: اي اميرالمؤمنين! اوهان پهريان اِستغفار ڪيو(يعني الله پاڪ کان گناهن جي مُعافي گهري) پوءِ منهنجي طرف ڏسي ڪري مُرڪيا، اُن ۾ ڇا راز آهي؟

    منهنجو سوال ٻڌي ڪري حضرت موليٰ علي شير خُدا  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  مون کي هڪ واقعو ٻڌايو (پنهنجي ماضي جي هڪ ياد تازا فرمائي) فرمائڻ لڳا: هڪ ڀيرو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  سُواري تي تشريف فرما ٿيا، مون کي پنهنجي  پويان ويهڻ جو شرف عطا فرمايائون ۽ (جيئن اڄ اسان حِرَّه جي طرف وڃي رهيا آهيون، ايئن ئي) حِرَّه جي طرف روانا ٿياسين، هلندي هلندي پاڻ سڳورا آسمان جي طرف ڏسڻ لڳا، پوءِ اهوئي پڙهيو (جيڪو مون پڙهيو ته) :

اَللَّهُمَّ ‌اغْفِرْ ‌لِي ‌ذُنُوبِي ‌إِنَّهُ ‌لَا ‌يَغْفِرُ ‌الذُّنُوبَ ‌أَحَدٌ ‌غَيْرُكَ

ترجمو: اي الله پاڪ! منهنجا گناھ بخشي ڇڏ، بيشڪ توکان سواءِ ڪو گناهن کي بخشڻ وارو ناهي.

 پوءِ پاڻ سڳورن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  چهرو مبارڪ منهنجي طرف ڪيو ۽ مُرڪيا، اُن تي مون به اهو ئي سوال پڇيو جيڪو تو پڇيو آهي ته  يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! هن عمل مبارڪ جي ڇا حڪمت آهي؟ پاڻ سڳورن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: اي علي! انسان جڏهن الله پاڪ کان گناهن جي مُعافي گهرندو آهي ته الله پاڪ ان ٻانهي کان خوش ٿي ڪري مُسڪرائيندو آهي، بس الله پاڪ جي انهي مرڪڻ جي ڪري ئي مان به مُرڪيس.[1]

سُبْحٰنَ اللہ!  ڇا ڳالھ آهي.....!!  پهريان ته هن روايت ۾ موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جو انداز ڏسو! سندن اداءِ مصطفيٰ سان محبت ڏسو! پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  مڪمل اهو ئي نقشو ڇڪيو، پاڻ سڳورا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  سواري تي سوار ٿيا هئا، موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به سواري تي ويٺا، پاڻ ڪريم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  موليٰ علي کي پويان ويهاريو هو، موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  حضرت علي بن ربيعه  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي پنهنجي پويان ويهاريو، پاڻ سڳورا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  حِرّه جي طرف وارانا ٿيا هئا، موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  به حِرّه جي طرف روانا ٿيا، پاڻ سڳورن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   آسمان جي طرف مٿو کڻي ڏٺو هو، موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  به آسمان جي طرف مٿو کڻي ڏٺو، پاڻ سڳورن دعاءِ مغفرت پڙهي هئي، موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  به پڙهي، پاڻ سڳورن به پويان ڏسي ڪري مسڪرايو هو، موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  به پويان ڏسي ڪري مُرڪيا، يعني مڪمل اهو ئي منظر جيڪو سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  سان پيش آيو هو، موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  هوبهو انهي واقعي جي منظرڪشي ڪئي، پوءِ پاڻ سڳورن جي حديث بيان فرمائي.

سُبْحٰنَ اللہ!  هي آهي صحابه ڪرام جي سُنّتن کان محبّت...!! پوءِ اسان ڇونه چئون:

ہر صحابیِ نبی!           جنّتی جنّتی      سب صحابیات بھی!      جنّتی جنّتی

چار یارِ نبی!             جنّتی جنّتی      حضرت صدیق بھی!     جنّتی جنّتی

اور عمر فاروق بھی!      جنّتی جنّتی      عثمان غنی!             جنّتی جنّتی

فاطمہ اور علی!          جنّتی جنّتی      ہیں حسن حسین بھی!     جنّتی جنّتی

 



[1] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الدعا، باب ما کان یدعو بہ ...الخ،  جلد:7، صفحہ:63، حدیث:12 ۔