Book Name:Khuda Ko Razi Karne Wale Kaam

رات جي اونداهي ۾ عبادت ڪندو آهي (ان کي ڏسي ڪري الله پاڪ مُرڪندو آهي).[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪل 5 ڪم آهن: (1) رات جو نماز پڙهڻ (2) رات جي تنهائي ۾ درود شريف پڙهڻ (3) تلاوت ڪرڻ (4) رات جي اونداهي ۾ ڪابه عبادت ڪرڻ (5) ۽ نماز ۾ صفون سِڌيون ڪرڻ. هاڻي ڏسو! هي ڪيترا مشڪل ڪم آهن...؟ بلڪل به نه، رات جو اُٿو، 2 رڪعت نماز پڙهو، جيترو ٿي سگهي درود پاڪ پڙهو! جيترو اوهان کان ٿي سگهي، قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪيو، گهڻو نه سهي سورت ملڪ ئي پڙهو! ۽ جڏهن باجماعت نماز جي لاءِ مسجد ۾ حاضري ٿي ته پنهنجي ڀيڏين ۽ ڪلهن جو خيال رکندي صف سِڌي بڻايو! هي مختصر ڪم ڪرڻا آهن ۽ انهن جي فضيلت ڪيتري آهي، جيڪو ٻانهو هي ڪم ڪندو آهي، اهو ايترو خوش قسمت ٻانهو آهي جو سندس ربّ ان جي هن عمل تي مسڪرائيندو آهي، اُن کان تمام گهڻو راضي ٿيندو آهي ۽ هي اهو خوش نصيب آهي جيڪو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بنا حساب و ڪتاب جي جنت ۾ داخل ٿي ويندو.

رات جي عبادت جا فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! رَمَضانُ الۡمُبارڪ کان پوءِ هاڻي اسان جي نئين زندگي شروع ٿي آهي، پڪي نيّت ڪيو! ته هاڻي کان ايندڙ سڄي زندگي جو هي معمول رهندو ته روزانو رات جو گهڻو نه سهي گهٽ مان گهٽ 1 ڪلاڪ الله پاڪ جي عبادت جي لاءِ ضرور خاص ڪنداسين، اڄڪلھ نوجوانن جون راتيون عام طور فضُوليات ۾ گذري وينديون آهن، سوشل ميڊيا هلائيندي، موبائل تي مختلف شيون ڏسندي، فيس بڪ، انسٽا گرام وغيره تي چيٽنگ ڪندي رات گذري ويندي آهي، ڪيئي ڪلاڪ گذري ويندا آهن، اي عاشقانِ رسول!  گهڻو نه سهي، گهٽ مان گهٽ 1 ڪلاڪ الله پاڪ جي ياد جي لاءِ ڪڍو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اهي برڪتون ملنديون جن جو جواب ناهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! راتين کي الله پاڪ جي عبادت ۾ گذارڻ ايمان وارن جو وصف آهي، الله پاڪ قرآن ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الْمُتَّقِیۡنَ فِیۡ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿ۙ۱۵﴾ اٰخِذِیۡنَ مَاۤ اٰتٰہُمْ رَبُّہُمْ ؕ اِنَّہُمْ کَانُوۡا قَبْلَ ذٰلِکَ مُحْسِنِیۡنَ ﴿ؕ۱۶﴾ کَانُوۡا قَلِیۡلًا مِّنَ الَّیۡلِ مَا یَہۡجَعُوۡنَ ﴿۱۷           (پارہ:26، الذٰریات:15، 17)       ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ چشمن ۾ هوندا. پنهنجي ربّ جون عطائون وٺندي، بيشڪ اهي ان کان پهريان نيڪيون ڪرڻ وارا هئا. اهي رات ۾ گهٽ سمهندا هئا.

الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  رات جي عبادت جا کوڙ فضائل بيان فرمايا آهن: اچو! اوهان کي ڪجھ روايتون ٻڌايان ٿو*  رات جو قيام (نفلي نماز) رَبّ جي قرب جو سبب، گناهن کي ختم ڪرڻ وارو ۽ گناهن کان روڪڻ وارو آهي.[2] *  رات جو نماز پڙهو، اُن حال ۾ جو ماڻهو



[1] مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب الصلاۃ، باب ماقالوا فی اقامۃ الصف، جلد:1، صفحہ:388، حدیث:15

[2] ترمذی ، کتاب الدعوات، ، صفحہ:811، ، حدیث :3549۔