Book Name:Kamil Momin Kon

جي نقل ناهي ڪندو، ٻيا ان جي پٺيان هلندا آهن. تنهنڪري ٿيڻ  ايئن گهرجي ته مسلمان اهڙو بڻجي رهي، جو * ٻيون قومون ان جي پيروي ڪن * مسلمان جا اخلاق اهڙا اعلى هجن، جو ٻيون قومون مسلمانن کان اخلاق سکن         * مسلمان جو ڪردار اهڙو اعلى هجي، جو ٻيون قومون ڪردار جي بهتري لاءِ ان جي صحبت اپنائين * هڪ مسلمان جي عادات * ان جا افعال * ان جي گفتار * طور طريقا * چال چلت ايترا بهتر هجن، جو ان کي آئيڊيل بڻايو وڃي، ان جي پيروي ڪئي وڃي، ٻيون قومون ان جي ڪردار (Character)، اخلاق ۽ عادات تي رشڪ ڪن ۽ ان کي ڏسي جيئڻ سکن.

پر افسوس! اڄ حالتون ابتڙ آهن، خَيرُالاُمم (بهترين اُمت) اسين آهيون، ٿيڻو ته هيءُ هيو جو اسان ٻين لاءِ آئيڊيل بڻجون ها، پر اسان ٻين قومن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي ڇڏيو، ٿيڻو ته هيءُ هيو ته قومون اسان جي نقل ڪن ها پر اسان ٻين جي نقل ڪندڙ بڻجي وياسون، اسان ٻين جي نقل ڪرڻ لڳاسين: * چال چلت ۾ ڪافرن جي نقل * تعليم (Education) ۾ ڪافرن جي نقل * اصول ۽ قانونن ۾ ڪافرن جي نقل * ايتري تائين جو جوتا ڪپڙا خريدڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ به غير قومن جي نقل ڪئي وڃي ٿي، افسوس! اڄ مسلمان ڪافرن جا فلسفا سکي وٺن ٿا پر قرآن نٿا سکن، پنهنجي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّمَ جي سيرت کي نٿا ڏسن، ڪافرن جا انداز اپنائن ٿا.

شَور ہے ہو گئے دُنیا سے مسلماں نابُود                                      ہم یہ کہتے ہیں کہ تھے بھی کہیں مسلم موجود؟

وضع میں تم ہو نصاریٰ تو تمدن میں ہنود                                           یہ مسلماں ہیں جنہیں دیکھ کے شرمائیں یہود([1])

 

پيارا اسلامي ڀائرو! اڳي جا نيڪ مسلمان اهڙا ئي هئا، اهي ڪنهن قوم جي نقل نه ڪندا هئا، اهي پنهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم 


 

 



[1]... کلیاتِ اقبال(اردو)،بانگ ِدار،صفحہ: 231 ۔