Kamil Momin Kon

Book Name:Kamil Momin Kon

ورتو هو ۽ هي ايمان هڪ ڪروڙ نه پر دنيا جي سڄي دولت کان وڏي دولت آهي پر اسان جي حالت ڏسو! هي دولت وراثت ۾ ملي وئي هئي، بس اسان ان تي مطمئن آهيون، ان ۾ اضافي جي فڪر ئي ناهي، ان کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪندو وڃڻ، ايمان جي درجات ۾ اڳتي کان اڳتي وڌندو وڃڻ جي اسان ڪا فڪر ئي نٿا ڪريون.

الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، هي به اسان جي ذميواري آهي، ربِّ ڪريم فرمايو آهي:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اٰمِنُوْ ا (پاره: 5، النساء: 136)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! ايمان رکو!

يعني اي ايمان وارؤ! پنهنجي ايمان جي فڪر ڪيو! اُن کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪندا وڃو!

الله پاڪ اسان کي اُن جي توفيق نصيب فرمائي. اچو! ڪامل مومن جون نشانيون ٻڌون ٿا، پوءِ انهن کي اپنائڻ جي به نيّت ڪيون ٿا:

(1) ڪامل مؤمن فضوليات کان بچندو آهي

ڪامل مومن جي هڪ بنيادي نشاني هيءَ هوندي آهي ته هُو فضول ڪمن کان بچندو آهي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: 

وَ الَّذِیْنَ ھُمْ عَنِ اللَّغْوِ  مُعْرِضُوْنَ (۳) (پارہ:18، اَلْمُؤمِنُون:3)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي جيڪي فضول ڳالھ کان منهن موڙيندڙ آهن،

يعني ڪامياب مومن اهو هوندو آهي جيڪو هر فضول ۽ باطل شيءِ کان پري رهندو آهي.