Book Name:Kamil Momin Kon

(3) مؤمن با اخلاق هوندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪامِل مؤمن جي ٽين ۽ اهم ترين نشاني سٺا اخلاق آهن. حديثِ پاڪ ۾ آهي: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ  فرمايو:     اِنَّ اَکْمَلَ الْمُؤمِنِینَ اِیْمَانًا اَحْسَنُہُمْ خُلُقًا يعني اهلِ ايمان ۾ وڌيڪ ڪامل ايمان وارو اهو آهي جنهن جا اخلاق سڀ کان سٺا آهن. ([1])

معلوم ٿيو جنهن جا اخلاق جيترا وڌيڪ سٺا هوندا آهن، ان جو ايمان اوترو ئي وڌيڪ مضبوط ۽ ڪامل هوندو آهي. افسوس! هن معاملي ۾ ته اَڄ مسلمان تمام گهڻو پوئتي آهن. اخلاقيات جو سبق اصل ۾ اسلام ڏنو پر اسان اخلاق ڇڏي ڏنا! غير قومن اسان وارا ئي اخلاق اپنائي ورتا. هاڻي حالتون اتي پهتيون آهن جو اسان پنهنجا ئي اخلاق غير قومن کان سکون ٿا، انهن کان ڪلاس وٺون ٿا، غير قومن جي اخلاقن جي تعريف ڪيون ٿا ۽ هي وساري ويٺا آهيون ته اصل ۾ هي اسان جو ئي ورثو هو، اسان نه اپنايو، ته ٻين اپنائي ورتو، پوءِ جن اپنايو، اهي دنيا ۾ ترقي ڪري ويا. اسان پوئتي رهجي وياسون.

عدل ہے فاطِرِ  ہستی کا اَزَل کا دَسْتُور                                                مُسْلِم آئیں ہوا کافِر تو مِلے حُور و قُصُور

کس کی آنکھوں میں سمایا ہے شعارِ اَغْیار                                     ہو گئی کس کی نگہ طرزِ سلف سے بیزار

قلب میں سوز نہیں، رُوح میں اِحْساس نہیں                       کچھ بھی پیغامِ محمد کا تمہیں پاس نہیں([2])

وضاحت: عدل ۽ انصاف قدرت جو قانون آهي، جڏهن غير مسلمَن مسلمانن وارا طور طريقا، اخلاق اپنائي ورتا ته انهن کي ترقي ملي وئي. افسوس! مسلمانن جي اکين ۾ غيرن جا طريقا سمائجي ويا، هي پنهنجي اسلاف ۽ بزرگن جي انداز کان بيزار ٿي ويا، دلين ۾ سوز نه رهيو، روح ۾ احساس نه


 

 



[1]...مسند امام احمد، مسند عائشہ، جلد:10، صفحہ:189، حدیث:25414۔

[2]... کلیاتِ اقبال(اردو)،بانگ ِدار،صفحہ:230، 231 ملتقطاً  ۔