Kamil Momin Kon

Book Name:Kamil Momin Kon

ڪتاب جو جلد پهريون 1300 روپين ۽ جلد ٻيون 590 روپين ۾ مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان قيمت ڏئي طلب فرمايو. پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

منڊي پائڻ جون سُنّتون ۽ آداب

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مرد کي سون (Gold) جي منڊي (Ring) پائڻ حرام آهي. سروَرِ ذيشان، رحمتِ عالمِيان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سون جي منڊي پائڻ کان منع فرمايو آهي*نابالغ (يعني تمام ننڍي) ڇوڪري کي سون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو، اهڙيءَ طرح ٻارن (يعني ڇوڪرن) جي هٿ پيرن تي بلا ضرورت ميندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پنهنجي هٿن پيرن تي ميندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪرن کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي.  * لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي * مرد جي لاءِ اها منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني هڪ نگيني (ٻُڙي) جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن جي لاءِ ناجائز آهي * بنا نگيني (ٻُڙي) واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي،     * چاندي جي هڪ منڊي هڪ نگ واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشه (يعني چار گرام 374 ملي گرام) کان گھٽ هجي پائڻ جائز آهي. عيدن ۾ منڊي پائڻ مستحب آهي. پر مرد اها ئي جائز واري منڊي پائي * مرد کي گهرجي ته منڊي جو ٻڙو تِري واري طرف ۽ عورت منڊي جو ٻُڙو هٿ جي پُٽيءَ جي طرف رکي * چاندي