Book Name:Kamil Momin Kon

مومن واعدي جو پڪو هوندو آهي ڪامل مومن ڌوڪو ناهي ڏيندو ڪامل مومن طعنا ناهي ڏيندو ڪامل مومن ڪنهن تي لعنت ناهي ڪندو ڪامل مومن بي حيائي واريون ڳالهيون ناهي ڪندو ڪامل مومن اهو هوندو آهي جنهن جي اندر صرف خير ئي خير، ڀلائي ئي ڀلائي هوندي آهي.

مومن  جو  مثال

   صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر هئاسين، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْھم کان هڪ سوال پڇيو، فرمايائون: اِنَّ مِنَ الشَّجَرِ شَجَرَةً لاَ يَسْقُطُ وَرَقُهَا،وَ اِنَّهَا مَثَلُ المُسْلِمِ، فَحَدِّثُونِي مَا هِيَ يعني وڻن مان هڪ وڻ آهي، ان جا پن ناهن ڇڻندا، ان جو مثال مسلمان جيان آهي، ٻڌايو اهو ڪهڙو وڻ آهي؟ هاڻي صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْھم سوچڻ لڳا (ته اهو ڪهڙو وڻ ٿي سگهي ٿو جنهن جا پن به ناهن ڪِرندا ۽ ان جو مثال مسلمان جيان آهي، ڪو ڪيئن سوچي رهيو هو ڪو ڪيئن). حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: منهنجي ذهن ۾ ان سوال جو جواب اچي ويو (پر مان ننڍو ٻار هيس مون کان وڏي عُمر جا صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْھم موجود هئا)، ان ڪري انهن کان حيا ڪندي مون جواب نه ڏنو، آخرڪار پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پاڻ ئي فرمايو:                         هِيَ النَّخْلَةُ يعني هي کَجيءَ جو وڻ آهي. ([1])

عالم سڳورا فرمائن ٿا: کجيءَ جو وڻ سڄو ئي خير ۽ ڀلائي آهي، ان جو هر هر جُز، نفعو ڏيندڙ، فائدي مند آهي کجيءَ جي پنن مان تڏو ٺهندو آهي، انهن مان رسيون به ٺاهيون وينديون آهن، اڳين زماني ۾ کجي جي پنن مان ماني رکڻ جي لاءِ ڇَٻِيون(ٽوڪريون) به ٺاهيون وينديون هيون، هاڻي به ڪجھ علائقن ۾ هي رواج آهي * اهڙيءَ طرح کجيءَ جا ڇوڏا باھ ٻارڻ جي لاءِ به ڪم ايندا آهن، اڳين


 

 



[1]...بخاری، کتاب العلم، باب قول المحدث...الخ، صفحہ:88، حدیث:61۔