Kamil Momin Kon

Book Name:Kamil Momin Kon

حلال ڪمائڻ کائڻ جو هجي * ڪجھ اهلِ خانه جي لاءِ هجي * ڪجھ وقت عبادت جي لاءِ هجي، ايئن تقسيم ڪاري ڪري پنهنجو جدول بڻايون، پوءِ استقامت سان اُن تي عمل به ڪندا رهون، الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

امير اهل سنت مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو نهايت ئي پيارو رسالو آهي: انمول هيرا. اُن کي پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وقت جو قدر ڪرڻ جو ذهن بڻجندو. هن رسالي ۾ جدول بڻائڻ جو طريقو به لکيل آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2) نمازن جي حفاظت ڪرڻ وارو

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڪامل مؤمن جي ٻي نشاني هي آهي ته اهو نمازن جي حِفاظت ڪرڻ وارو هوندو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ الَّذِیْنَ ھُمْ عَلٰی صَلَوٰتِہِمْ یُحَافِظُوْنَ  ۘ(۹) (پارہ:18، اَلْمُؤمِنُون:9)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهي جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا.

الله اڪبر! هي به ڪامل مؤمن جو هڪ اهم وصف آهي، جيڪو ڪامل ايمان وارو آهي * اهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندو آهي* نمازون قضا ناهي ڪندو * نمازن جي وقتن جو خيال رکندو آهي * نماز چڱي طرح پڙهندو آهي * خشوع و خضوع سان نماز ادا ڪندو آهي.

پر افسوس! اڄڪلھ هن مُعاملي ۾ به حالات تمام نازڪ آهن، نمازين جي تعداد نه هجڻ جي برابر آهي. حالانڪ نماز انتهائي اهم ترين عبادت آهي.