Book Name:Kamil Momin Kon

اسان ۽ فضوليات

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪامل مؤمن جون نشانيون آهن، ڪامل مؤمن وقت جو قدر ڪندڙ هوندو آهي، پنهنجي قيمتي وقت کي فضول ڪمن ۾ ناهي وڃائيندو. ڇوته جيڪو ايمان وارو هوندو آهي اهو ڄاڻندو آهي ته: *مون کي هي زندگي فضول ۾ ناهي ڏني وئي * مون کي مرڻو آهي* قيامت جي ڏينهن اٿڻو آهي* رب جي حضور حاضر ٿيڻو آهي*پنهنجي زندگي جي هڪ هڪ لمحي جو حساب ڏيڻو آهي * ڇوته هو رب جي حضور حاضري کان ڊڄندو آهي* ڇوته هو قيامت جي حساب جي فڪر ڪندو آهي * ڇو ته هو پنهنجي زندگي جي هڪ هڪ لمحي جو ذميوار آهي، تنهنڪري هو پنهنجو وقت فضوليات ۾ نه گذاريندو آهي، پنهنجي وقت جي قدر ڪندو آهي.

پر افسوس! اڄ اسان مسلمانن جي حالت تمام نازڪ آهي، فضوليات جي انتهائي ڪثرت آهي، جنهن کي ڏسو پنهنجو وقت برباد ڪرڻ ۾ لڳل آهي:     * ڪڏهن سالگره جي نالي تي* ڪڏهن نيو ائير نائيٽ جي نالي تي* ڪڏهن ايني ورسري (AnnieVersary) جي نالي تي* ڪڏهن پڪنڪ جي نالي تي گناهن ڀريا فنڪشنز رکيا ويندا آهن، ڪيترائي ڪلاڪ فضوليات نه پر گناهن جي نذر ڪيا ويندا آهن. * يقيناً سالگره ڪرڻ ڪو گناهه جو ڪم ناهي پر اسان وٽ ان جو جيڪو انداز اختيار ڪيو ويو آهي، هي فضوليات بلڪه گناهن وارو آهي. افسوس! اڄ مسلمانن جو مقصدِ حيات صرف کائو، پيو ۽ جان بڻايو ٿي ڪري رهجي ويو آهي: * دوستن جون گڏجاڻيون آهن* هوٽلنگ جي ڪثرت آهي* ڪيترائي ڪلاڪ بلڪه راتين جون راتيون ڪچهرين جي نذر ڪيون وينديون آهن* پوءِ باقي ڪمي موبائل ۽ سوشل ميڊيا پوري ڪري ڇڏي آهي* هڪ وقت هو جڏهن نادان ٻار والدين کان لڪي لڪي وڊيو گيمز کيڏندا هئا* گهر ۾ ته ان جا اسباب ئي نه هئا، ٻار ٻاهر دڪانن تي ويندا هئا ۽