Book Name:Kamil Momin Kon

فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي

هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ اسان هڪ شهر ۾ وياسين، فَجِر جي آذان کان پوءِ اسان فجر جي لاءِ جاڳائڻ وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو ڪنهن گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان اسان سان اچي شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقت نَماز پڙھڻ لڳو آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰه ان ماڊرن (Modern) نوجوان جي والِد متاثر ٿي ڪري ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ڏئي ڇڏي.

تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول                                                                                                                       نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی  ماحول

یقینا مقدر کا وہ ہے سکندر                                                                                                                    جسے خیرسے مل گیا دینی  ماحول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

نعت ڪوليڪشن (Naat Collection) موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسمارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T  ڊيپارٽمنٽ جي طرفان هڪ ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي: جنهن جو نالو آهي: Naat Collection (نعت ڪوليڪشن * هن ايپلي ڪيشن ۾ اعليٰ حضرت، شهزادگانِ اعليٰ حضرت، برادرِ اعليٰ حضرت، خليفه اعليٰ حضرت، مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم ۽ امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪلامن کي شامل ڪيو ويو آهي* هر  ڪلام جي مجموعي ۾ ڪلامن کي حرف تهجي ۽