Book Name:Kamil Momin Kon

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس.  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

جڏهن هڪ غيرمسلم ڪلمو پڙهيو

 عبدالواحد بن زيد چون ٿا: هڪ ڀيرو مان سامونڊي سفر ۾ هئس، اوچتو تيز هوائون هلڻ لڳيون، انهن هوائن اسان کي هڪ سنسان جزيري ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. جڏهن اسان ان جزيري تي لٿاسين ته ڏٺوسين ته اتي هڪ شخص غيرُالله جي عبادت ۾ مشغول آهي. اسان چيو: اسان ته اهڙي مشرڪ کي پاڻ سان گڏ سوار نه ڪنداسين. ان مشرڪ چيو: اوهان ڪنهن جي عبادت ڪندا آهيو؟ اسان چيو: الله پاڪ جي. پڇيائين: الله ڪير آهي؟ اسان چيو: اهو ئي جنهن جو عرش آسمانن کان مٿاهون آهي ۽ حڪومت زمين تي (به) آهي. مشرڪ پڇيو: اوهان کي ان جو علم ڪيئن ٿيو؟ اسان چيو: الله پاڪ پنهنجو هڪ رسول موڪليو، ان معجزا ڏيکاريا، ان ئي رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي الله پاڪ جي خبر ڏني. مشرڪ چيو: پوءِ توهان جي ان رسول جو ڇا ٿيو؟ اسان چيو: جڏهن انهن الله پاڪ جو پيغام پورو پورو اسان تائين پهچائي ڇڏيو ته ربِّ ڪريم کين پاڻ وٽ گهرائي ورتو. مشرڪ چيو: ڇا انهن جي ڪا نشاني اوهان وٽ آهي؟ اسان جواب ڏنو: ها! الله پاڪ جو ڪتاب آهي. چيائين: آڻيو! مون کي ڏيکاريو!