Book Name:Kamil Momin Kon

ايمان جا شعبا گهڻا آهن، انهن شعبن کي به اختيار ڪريو! * ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي ايمان ۾ وڌ کان وڌ ترقي ڪندا هلندا وڃو! * ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي پنهنجي ايمان جي ڪمال درجي جي فڪر ۾ لڳي وڃو!

یہ شہادت گہِ اُلفت میں قدم رکھنا ہے                                                   لوگ آسان سمجھتے ہیں مسلماں ہونا([1])

وضاحت: يعني دائرهءِ اسلام الله ۽ رسول جي محبت ۾ تن، من، ڌن جي بازي لڳائي ڇڏڻ جي جاءِ آهي، هي اهو ميدان آهي جتي پهچي سڀ ڪجهه ربّ جي نالي تي قربان ڪرڻو هوندو آهي، ماڻهو ان کي آسان سمجهن ٿا.

بلند درجات ڪمالِ ايمان سان ملندا آهن .

مطلب هي آهي ته جنهن ڪلمو پڙهي ورتو، سچّي دل سان پڙهيو، هاڻي جيڪڏهن اهو مرڻ گهڙي تائين ان تي قائم رهي ٿو، حالتِ ايمان ۾ ئي قبر ۾ لهي ٿو، اهو جنت جو حقدار ته آهي، پر فضيلت ان ۾ آهي ته ٻانهو هن ڪلمي جي تقاضن کي به نڀائي، جنت ايمان جي ذريعي ملي ويندي آهي پر درجات جي بلندي ايمان جي ڪمال ۽ ان جي تقاضن تي عمل ڪري نصيب ٿيندي آهي.

اسان جيڪڏهن غور ڪريون ته اسان مان گهڻو ڪري صرف ان ڪري مسلمان آهن ڇو ته مسلمانن جي گهر ۾ پيدا ٿيا هئا، هي به الله پاڪ جي تمام وڏي عنايت آهي، ان اسان کي مسلمان گهر ۾ پيدا فرمايو، ننڍپڻ ۾ ئي ڪلمو نصيب ٿي ويو. غير مسلم گهر ۾ پيدا ٿيون ها ته نه ڄاڻ ڪٿي ذليل ۽ خوار ٿيون ها. هي ان جو ڪرم آهي.

پر سوچڻ جي ڳالهه آهي، مثال طور هڪ ماڻهو آهي، ان کي پنهنجي والد جي وراثت مان هڪ ڪروڙ روپيا مليا، ڇا سمجهو ٿا؟ اهو ان ڪروڙ روپين کي تجوري ۾ رکي آرام سان ويهي رهندو؟ نه...!! ان مان ڪاروبار ڪندو، هن هڪ ڪروڙ کي ٻه، ٽي، چار ڪروڙ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو. هاڻي غور فرمايو! ايمان اسان کي وراثت ۾ مليو آهي، ڪلمو اسان ماءُ جي هنج ۾ پڙهي


 

 



[1]...اقبال؟؟؟۔