Book Name:Kamil Momin Kon

ويچاري پاڙي واري دڪاندار جي آمدن ڪجھ گهٽ ٿي آهي. حضرت سيدي قطبِ مدينه فرمايو: اڳين دور جا مديني وارا اهڙا هئا. ([1])

دِل سے دُنیا کی الفت نکالو! اس تباہی سے مولیٰ بچا لو

مجھ کو دیوانہ اپنا بنا لو، یا نبی تاجدارِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 (4) ڪامِل مومن خوفِ خُدا وارو هوندو آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو: ڪامل مومن جي نشانين مان هڪ اهم نشاني خوفِ خُدا به آهي. الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الَّذِیْنَ هُمْ مِّنْ خَشْیَةِ رَبِّهِمْ مُّشْفِقُوْنَۙ(۵۷) (پارہ:18، اَلْمُؤمِنُون:57)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اهي جيڪي پنهنجي رب جي خوف کان ڊڄندڙ آهن.

   تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: يعني ايمان وارن جو هڪ وصف هي آهي ته اهي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندا رهندا آهن. ([2])  

امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو خوفِ خُدا

   امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪي الله پاڪ جا ڪامل ولي ۽ ڪامل ايمان وارا آهن. علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سندن متعلق لکن ٿا: امام حسن بصري       رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن تشريف وٺي ايندا هئا ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنهن ويجهي دوست جي تدفين تان واپس آيا آهن * ائين رهندا هئا ڄڻ باھ سندن مٿي تي لٽڪي رهي آهي * ائين ويهندا هئا ڄڻ ڪو قيدي آهي ۽ هاڻي ئي ان جو ڪنڌ لاٿو ويندو * صبح هن حال ۾ ڪندا ها ڄڻ هاڻي قيامت جي هولناڪين مان گذري


 

 



[1]...بُرے خاتمے کے اسباب، صفحہ:14-15۔

[2]...صراط الجنان، پارہ:18، المؤمنون، زیرِ آیت:57، جلد:6، صفحہ:536 بتصرف۔