Kamil Momin Kon

Book Name:Kamil Momin Kon

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ

  پيارا اسلامي ڀائرو! بااخلاق مومن بڻجڻ، خوفِ خُدا ۽ عشقِ مصطفيٰ حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري  حصو وٺو، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ به آهي

  نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنّتِ مصطفيٰ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فجر جي لاءِ ويندي سُتلن کي جاڳائيندا هئا([1]) * مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت عليُ المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به هن پياري پياري سنت جا عامل هئا.

*اوهان به هيءَ سنت اپنايو! نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم کوڙ برڪتون ملنديون *ٻين کي جاڳائينداسين ته پاڻ کي به نماز فجر باجماعت پڙهڻ جي سعادت ملندي * صبح صبح جو نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو *اوهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم اوهان جي نامهءِ اعمال ۾ به لکيو ويندو * صبح سوير پيادل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت چڱي رهندي * هڪ اهم فائدو هي ته مسجد جي رونق وڌي ويندي، هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: اسان سردين ۾ نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ شروع ڪيو ته ايترا نمازي وڌي ويا جو مسجد جي صحن ۾ شاميانا لڳائڻا پئجي ويا. سبحان الله!

ڪا مشڪل نه آهي، جماعت جي وقت کان 20، 25 منٽ پهريان اٿي وڃو! فجر جي نماز جي لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا هڻندا وڃو! دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو. نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندُس. اچو اوهان جي ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌايان ٿو.


 

 



[1]...ابو داؤد، صفحہ:208، حدیث:1264۔