Book Name:Kamil Momin Kon

رهيو، ها! ها! تعليماتِ اسلام جو ڪجهه به خيال ۽ ادب نه رهيو ته مسلمان تَنَزّلي جي اونهي کڏ ۾ وڃي ڪريا.

اُمّتِ مسلمه خيرالاُمَم  آهي

حضرت علامه مفتي عبد المصطفيٰ اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ مسلمان لاءِ زندگيءَ جو پهريون مقصد خيرُ الْاُمَمْ يعني بهترين اُمّت هجڻ آهي. جهڙي طرح * گلاب لاءِ خوشبو * موتي لاءِ چمڪ * ۽ سج لاءِ روشني لازم ۽ ضروري آهي اهڙي طرح هڪ مسلمان لاءِ * پنهنجن اعمال ۽ افعال جي لحاظ سان سڀني اُمتن ۾ سڀ کان اعلى، سڀ کان افضل، سڀ کان بهتر هجڻ لازم ۽ ضروري آهي * عبادات ۽ معاملات هجن * يا اخلاق ۽ عادات، مطلب ته  زندگيءَ جي هر شعبي ۾، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هڪ مسلمان خير ئي خير هجي. بس پوري زندگي قرآن ۽ سنت جو دامن پڪڙي سڌي رستي تي هلندو رهي، ته جيئن ٻيون قومون مسلمان کي ڏسي هي پڪارين ته ([1])

یہی وہ ہیں کہ جن کے واسطے خَتْمُ الرُّسُل آئے      انہی پر ختم ہے ”خَیْرُ الْاُمَمْ“ کی جلوہ سامانی

وضاحت: هيءَ ئي اُها خوش نصيب اُمت آهي، جن جي هدايت لاءِ الله پاڪ پنهنجي سڀني کان محبوب نبي، خاتَمُ النَّبِيِّين کي موڪليو، انهيءَ اُمت کي خَیْرُ الْاُمَمْ جو لقب ڏنو ويو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آهي هڪ مسلمان جي پهرين ذميواري ته مسلمان هميشه خَیْرُ الْاُمَمْ يعني بهترين اُمَّت بڻجي ڪري رهي. يقيناً جيڪو بهتر هوندو آهي، اهو آئيڊيل (Ideal) به هوندو آهي، ۽ جيڪو آئيڊيل هوندو آهي، اهو ٻين


 

 



[1]...عرفانی تقریریں، بیان: زوال کے  اسباب، صفحہ:99بتغیر قلیل۔