Book Name:Kamil Momin Kon

ايمان جي حالت ۾ ئي قبر ۾ لهڻ ۽ قيامت جي ڏينهن اٿڻ نصيب فرمائي.

مَحبّت میں اپنی گُما یاالٰہی                                                                                                                          نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی!

عبادت میں  گزرے مری زندگانی                                                                  کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی!

مسلماں  ہے عطارؔ تیری عطا سے                                                                  ہو ایمان پر خاتِمہ یاالٰہی! ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪامل مؤمن جون نشانيون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ايمان جي دولت نصيب ٿي، هي ڪرم ته ٿي ويو، هي ايمان جي دولت ملڻ کان پوءِ به اسان جي هڪ ذميواري آهي ۽ هي ذميواري به الله پاڪ ئي لڳائي آهي. جي ها! قرآنِ ڪريم ۾ حڪم ٿئي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اٰمِنُوْ ا (پاره: 5، النساء: 136)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! ايمان رکو!

هتي ڏسو! خطاب ايمان وارن کي آهي ۽ حڪم ڏنو پيو وڃي: ايمان آڻيو! اهي پهرين ئي ايمان وارا آهن، پوءِ هاڻي ايمان آڻڻ جو ڇا مطلب آهي؟ مفسر عالم سڳورا ان جي وضاحت ڪن ٿا: اِزْدَادُوا فِی الْاِیْمانِ يعني معنيٰ هي آهي ته اي ايمان وارؤ! پنهنجي ايمان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو! ([2]) * ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي ان تي استقامت سان قائم به رهو! * ڪلمو ته پڙهي ورتو ، هاڻي ان جي تقاضن تي به عمل ڪريو! * ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔

[2]...روح المعانی، پارہ:5، النساء، زیرِ آیت:136، جز:5، جلد:3، صفحہ:221۔