Book Name:Kamil Momin Kon

زماني ۾ ان کي ڪپھ جي جاءِ تي وهاڻا ڀرڻ ۾ به استعمال ڪيو ويندو هو * اڳين زماني ۾ هن کي ڇِتن ۾ گاڊر جي جڳھ تي به استعمال ڪيو ويندو هو* اهڙي طرح کجي جي ککڙِي جا به کوڙ فائدا آهن، انهن کي جانورن جي خوراڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ان کي پِيهي ڪري استعمال ڪيو، طبي لحاظ سان نهايت فائدي مند آهي* باقي رهي کجور (ڪتل)، اها ته تمام گهڻي فائديمند آهي، ميوَن ۾ سڀ کان طاقتور ۽ گهڻو نفعو ڏيندڙ ميوو کجور کي مڃيو ويندو آهي * دم، دل، جگر، گردن، مثاني، پِتي ۽ آنڊن جي بيمارين ۾ کجور فائدي مند آهي * هي بلغم ڪڍندي ۽ وات جي خُشڪي کي دور ڪندي آهي. مطلب ته کجي جي وڻ جا فائدا ئي فائدا آهن.

 اهڙي طرح مومن ٻانهي جو مثال به ائين ئي آهي، مومن ٻانهو به صرف ۽ صرف نفعو ڏيندڙ هوندو آهي، ان جو نقصان ڪو به ناهي ٿيندو. هي بَس ٻين کي فائدا ئي پهچائيندو آهي.

مديني شريف جو    هڪ خوبصورت واقعو

 پيارا اسلامي ڀائرو: هي هڪ مومن جي شان آهي، مومن ٻانهو سڄو خير ئي خير هوندو آهي. اڳي دور جي مسلمانن ۾ هڪٻئي جي خيرخواهي جو جذبو تمام گهڻو هوندو هو، اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نقل فرمائن ٿا: ڪنهن حضرت سيدي قطبِ مدينه مولانا ضياء الدين مدني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: ياسيدي! پهريان جي (غالباً ترڪَن جي دور جي) مديني وارن کي اوهان ڪيئن ڏٺو؟ فرمايائون: هڪ مالدار حاجي صاحب غريبن ۾ ڪپڙا ورهائڻ جي نيت سان خريداري جي لاءِ هڪ ڪپڙا وڪڻڻ واري جي دڪان تي پهتو ۽ پسند جو ڪپڙو گهڻي مقدار ۾ گهريائين. دڪاندار چيو: مان آرڊر پورو ته ڪري سگهان ٿو پر منهنجي درخواست آهي ته اوهان سامهون واري دڪان تان خريد ڪيو ڇوته الحمدلله! اڄ منهنجو سُٺو وڪرو ٿي ويو آهي، هن