Book Name:Kamil Momin Kon

ا يمان وارو ٿيڻ جون برڪتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! اسان مسلمان آهيون، الله پاڪ پنهنجي فضل سان اسان کي ايمان جي دولت سان نوازيو آهي، يقيناً هي تمام وڏي بلڪه سڀني کان وڏي عنايت آهي. سڀني فضيلتن، سڀني عنايتن، سڀني نعمتن جي اصل ئي ايمان آهي. جڏهن ايمان ملي ويندو آهي، تڏهن ٻانهو الله پاڪ جي خاص رحمتن جو حقدار ٿي ويندو آهي. جڏهن ايمان ملي ويندو آهي، تڏهن ٻانهو ڪامياب ٿي ويندو آهي. جڏهن ايمان ملي ويندو آهي، تڏهن ٻانهو جنت جو حقدار ٿي ويندو آهي. الله پاڪ ايمان وارن تي خاص ڪرم فرمائي ٿو * ايمان واري کي پاڪيزه زندگي عطا ڪئي وڃي ٿي. * ايمان واري جون نيڪيون قبول ڪيون وڃن ٿيون. *  ايمان واري جا گناھ معاف ڪيا وڃن ٿا.     * ايمان واري جي قبر جنت جو باغ بڻجي ٿي. * ايمان واري کي راحت ۽ سکون نصيب ٿئي ٿو. * ۽ ايمان وارو ئي آهي جنهن لاءِ آخرت جون سڀ نعمتون تيار ڪيون ويون آهن. بي ايمان، غير مسلم ماڻهو ته رب جا نافرمان آهن، ان جي رحمت کان پري، ان جي غضب جا حقدار ۽ هميشه هميشه جهنم ۾ رهڻ جي لائق آهن بلڪه سچي ڳالهه ته هي آهي ته جيڪو بي ايمان آهي، غير مسلم آهي اهو حقيقت ۾ انسان سڏائڻ جو به حقدار ناهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو.

اُولٰٓئِکَ کَالْاَنْعَامِ بَلْ ھُمْ اَضَلُّ ؕ     (پارہ:9، الاعراف:179)

ترجموڪنزالعرفان: هي ماڻهو جانورن وانگر آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ ڀٽڪيل.

اَلحَمۡدُلله! الله پاڪ اسان کي ايمان جي دولت نصيب فرمائي آهي، ربّ ڪريم اسان کي ان تي استقامت نصيب فرمائي، مرندي وقت تائين مسلمان رهڻ،