Book Name:Kamil Momin Kon

نگاہِ ولی میں وہ تاثیر دیکھی                                                                                      بدلتی ہزاروں کی تقدیر دیکھی

  اي عاشقانِ رسول! هي هئا اڳين زماني جا مسلمان...!! انهن جي اخلاق ۽ ڪردار کان متاثر ٿي ڪافرَ ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويندا هئا ۽ اڄ اسان جو حال ڇا آهي؟ اسان کي ڏسي ڪري ڪافر متاثر ته ڇا ٿيندا، ٿي سگهي ٿو اسلام کان نفرت ڪرڻ لڳن.

ڪامل مومن جا ڪجھ پيارا پيارا اخلاق

   الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. ڪاش! اسان چڱي اخلاق وارا ٿي وڃون. پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ جو قسم! ٻانهو ان وقت تائين ڪامل مومن نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي لاءِ اهوئي پسند نه ڪري، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو. ([1]) هڪ حديث شريف ۾ فرمايائون: ان جو ايمان (ڪامل) ناهي، جيڪو امانتدار ناهي ([2]) ان جو ڪو دين ناهي، جيڪو واعدي جو پابند ناهي([3]) هڪ روايت ۾ فرمايائون: ڌوڪو ڏيڻ مومن جي اخلاق مان ناهي([4]) هڪ روايت ۾ آهي: مومن طعنو ڏيڻ وارو، لعنت ڪرڻ وارو، فحش (يعني بيهوده) ڳالهيون ڪرڻ وارو ناهي هوندو ([5]) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جنهن جي شرَ کان ان جا پاڙي وارا محفوظ نه هجن، (اهو ڪامل) مومن ناهي. ([6])

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن ڪامل مومن جا اخلاق...!! ڪامل مومن خيرخواهي ڪرڻ وارو هوندو آهي ڪامل مومن امانتدار هوندو آهي ڪامل


 

 



[1]... کنز العمال، کتاب الایمان، جز:1، جلد:1، صفحہ:36، حدیث:96۔

[2]... مصنف ابن ابی شبیہ، کتاب الایمان، ما قالو فی صفۃ الایمان، جلد:7، صفحہ:211، حدیث:2۔

[3]... مصنف ابن ابی شبیہ، کتاب الایمان، باب 6، جلد:7، صفحہ:223، حدیث:50۔

[4]...الجامع لابن وہب، جز:2، صفحہ:588، حدیث:487۔

[5]...ترمذی، کتاب البر والصلۃ، باب ما جاء  فی اللعنۃ، صفحہ:481، حدیث:1977۔

[6]...بخاری، کتاب الادب،باب اثم من لا یامن جارہ...الخ ،صفحہ:1500، حدیث:6016۔